استاد شفيع فقير

استاد شفيع فقير

استاد شفيع فقير

استاد، شفيع فقير: استاد شفيع فقير، ٿرپارڪر جي گڍڙي نالي وسنديءَ ۾ فقير موليٰ بخش جي گهر 1960ع ڌاري ڄائو. راڳ ويراڳ کيس ورثي ۾ مليو آهي، ڇو تہ سندس خاندان پيڙهين کان وٺي ڳائيندو پيو اچي. هن راڳ جي باقاعدي تربيت استاد شادي فقير کان ورتي. ان کان سواءِ هن استاد مجيد خان (سارنگي نواز) کان پڻ ڪافي گُر ۽ سُر سکيا. ٿر هونئن بہ سُر سنگيت ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان مالا مال آهي، پر ٿر موسيقيءَ جي ميدان ۾ جيڪي بہ سريلا فنڪار پيدا ڪيا آهن، تن ۾ موجودہ دور ۾ استاد شفيع فقير جو نالو مٿانهون آهي. هو سنڌي پرڪاش، لوڪ راڳ ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ کان نہ رڳو واقف آهي پر انهن تي عبور بہ رکي ٿو.هن ريڊيو ۽ ٽي .وي تان هڪ ئي سال 1989ع ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، سندس پسند جي راڳن مان مالڪوس، درٻاري، راڻو، سورٺ، ڀيرومارو، ڪوهياري ۽ ڀيروي شامل آهن. هن شاھہ لطيف، صوفي صادق فقير، منٺار فقير، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، سچل سرمست، بلهي شاھہ، خواجہ غلام فريد، مصري شاھہ، مل محمود، محمد فقير کٽياڻ، رکيل شاھہ، بيدل سائين ۽ ٻين صوفين ۽ ويدانتي شاعرن کان سواءِ جديد شاعرن مان شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، نارائڻ شام، حليم باغي، اياز گل، وفا پلي، حاجي ساند ۽ ٻين کي بہ خوب ڳايو آهي. ڪافيءَ جي شاعرن مان حسن بخش شاھہ ڊٺڙي واري، صوفي خوش خير محمد، طالب الموليٰ، عبدالڪريم پلي، عارف الموليٰ ۽ ٻين کي ڳائي پاڻ مڃائي چڪو آهي.


لفظ استاد شفيع فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

استاد، شفيع فقير: استاد شفيع فقير، ٿرپارڪر جي گڍڙي نالي وسنديءَ ۾ فقير موليٰ بخش جي گهر 1960ع ڌاري ڄائو



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عابدہ پروين
علي حيدر
مختيار شيدي
فقير عبدالغفور
جيوڻي ٻائي
شھنيلا علي
پون ڪمار نانڪرام
فقير غلام حيدر نظاماڻي
استاد سلامت علي خان
استاد عاشق علي خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون