استاد خورشيد علي خان

استاد خورشيد علي خان

استاد خورشيد علي خان

استاد خورشيد علي خان: مشھور ڪلاسيڪل راڳي استاد خورشيد علي خان 1930ع ڌاري پنجاب جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ڌونڪل‘ ضلعي گجرانوالا ۾ استاد ڪرم اِلاهي قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اَصل نالو ’خوشي خان‘ هو. سندس والد ڪرم اِلاهي طبلا ۽ ڍولڪ ٺاهڻ جو ڪاريگر هو، جنھنڪري خورشيد علي خان کي بہ ساڳيو هنر سيکاريائين. ورهاڱي کان اَڳ هن راڳ جي سکيا امرتسر ۾ استاد ڀائي لال کان ۽ ورهاڱي بعد لاهور ۾ استاد سلامت علي خان کان حاصل ڪئي. استاد خورشيد علي خان 1952ع ۾ ريڊيو پاڪستان راولپنڊيءَ تي متعارف ٿيو، جنھن بعد 1960ع ڌاري مستقل طور تي سنڌ جي شھر روهڙيءَ طرف لڏي آيو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ريڊيو تي ڳايل سندس ڪلامن ۾: ’ويندس ڪيچ ڪھي، سيڻن ساڻ سھي‘ (شاھہ لطيف)، ’رمزن ساڻ غلام ڪري وئين يار اسان کي‘ (شاھہ نصير). ‘منھنجا ڪيچي قول ڪري ويا‘، (شاھہ لطيف)، ’جي سامهون اچين ٿو تہ تابش ٿي ماري‘ (احمد خان ’مدهوش‘) ۽ ٻيا مشھور ٿيا. هن 1974ع ۾ ’الشھباز آرٽس ڪائونسل، روهڙي‘ نالي راڳ سيکارڻ جي هڪ اڪيڊميءَ جو بنياد پڻ رکيو، جتي ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا ڏني. سندس شاگردن ۾: غلام علي سنديلو، مور فقير، سيد غلام رضا شاھہ، مريد علي ميتلو، غلام علي ڀٽ، بشير خان، غلام سرور ڀٽ ۽ محڪم الدين منگي شامل آهن. 2 آگسٽ 1985ع تي روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ استاد خورشيد علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.08.02  عيسوي

مشھور ڪلاسيڪل راڳي استاد خورشيد علي خان 1930ع ڌاري پنجاب جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ڌونڪل‘ ضلعي گجرانوالا ۾ استاد ڪرم اِلاهي قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.2 آگسٽ 1985ع تي روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله ڪڇي
ديبا سحر
پرتاب نارائڻ داس تنواڻي
سترام روهڙا
بدرو ملتاني
خادم حسين ديوانو
ڀاڳچند پنجابي
ڪارو شڪاري
استاد سلامت علي خان
صنم مارئي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون