استاد بيبو خان

استاد بيبو خان

استاد بيبو خان

استاد بيبو خان: استاد بيبو خان، نامياري ڪلاڪار استاد شادي خان جو پوٽو، گامڻ خان'>استاد گامڻ خان جو پٽ ۽ استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد علي محمد خان جو ننڍو ڀاءُ هو. استاد بيبي خان جو اصل نالو محمد ابراهيم هو. استاد بيبو خان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن فن موسيقيءَ جي سکيا والد ۽ ڀائرن کان پرائي ۽ پنھنجي خانداني ورثي يعني ڌرپڌ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. ڌرپڌ کان علاوہ ٺمريءَ، دادري توڙي خيال جي گائڪيءَ ۾ ماهر هو. سندس ساٿاري، گوالياري گائڪي جو مشھور موسيقار استاد غلام رسول خان هو، پر استاد عاشق علي خان، استاد پيارو خان، استاد اميد علي خان ۽ استاد الھڏنو نوناري بہ ساڻس گڏ سنگت ڪندا هئا. استاد بيبي خان جو آواز ڏاڍو مٺو، لچڪيدار ۽ سُريلو هو. هو اڪثر سنڌي ڪافيون ڪلاسيڪي رنگ ۾ ڳائيندو هو. پنھنجي وقت جو هي ناميارو موسيقار 25 مارچ 1952ع تي حيدرآباد شھر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ مدفون آهي. سندس ڳايل مشھور ڪلامن مان هيٺيان آهن:
دلبر پرينءَ جو مون سان، منهن تي نقاب آهي
ريڌو وتين ٻين سان، مون سان حجاب آهي.

”نہ منهنجي وات مان سھڻا ٿو اهڙو ڪو قسم نڪري،
الاهي عشق ۾ تنھنجي يا غم نڪري يا دم نڪري.“
هن جي سڃاڻپ راڳ سھڻي ۾ خيال ”سخي ڪيوڙا“ ۽ راڳ سُگهُرئي جو ترانو هو. خانصاحب جي شاگردن ۾ استاد قدرت ﷲ خان، استاد نياز حسين، استاد فدا حسين خان، مٺو ڪڇي، محمد هاشم ڪڇي، هادي بخش خان، مائي الهوسائي، محمد صالح ساند ۽ الھڏنو نوناري خاص هئا.


لفظ استاد بيبو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.00.00  عيسوي

استاد بيبو خان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو . هن فن موسيقيءَ جي سکيا والد ۽ ڀائرن کان پرائي ۽ پنهنجي خانداني ورثي يعني ڌرپڌ ۾ ڪمال حاصل ڪيو . ڌرپڌ کان علاوه ٺمريءَ ، دادري توڙي خيال جي گائڪيءَ ۾ ماهر هو .


1952.03.25  عيسوي

استاد بيبو خان پنهنجي وقت جو هي ناميارو موسيقار 25 مارچ 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ مدفون آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿڌارام ڪيولرام سامتاڻي
رنگيلو
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
چاندو فقير
علي محمد عباسي ڪامريڊ
جي اي رحيم
سُھندي برهمڻ
انڙ انڙائي
ضياء الدين احمد سيد
جتوئي ارشاد ساگر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون