
استاد بسم الله خان
استاد بسم ﷲ خان (شرناءِ نواز ): سال 2006ع جي آگسٽ مهيني جي 21 تاريخ سومر ڏينهن بسم ﷲ خان'>استاد بسم ﷲ خان جي وڇوڙي جي خبر وڏي ڏک ۽ ارمان سان ٻڌي ويئي. بسم ﷲ خان'>استاد بسم ﷲ خان يا بابا بسم ﷲ خان، جو نالو سڄي دنيا، خصوصاً هندستان پاڪستان ۾ وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. کيس سنگيت جي دنيا ۾ تاج دار واري حيثيت حاصل هئي. بابا بسم ﷲ خان کان اڳ ۾ شرناءِ، شادين مرادين ۽ مذهبي رسمن جي موقعي تي وڄائي ويندي هئي. ڪريم جي ڪرم ۽ رات ڏينهن جي رياضت سان بسم ﷲ خان شرناءِ کي مڪمل ڪلاسيڪل ساز جي حيثيت ڏياري. سندس شرناءِ جي ڪهڙي ڳالھہ ڪجي، تاثير جو هڪ جادو هو، جيڪو ٻڌندڙن تي ڇانئجي ويندو هو. ڇا راڳ، ڇا ٺمري، جيڪو ڪجهہ سندس شرناءِ مان سريلن سرن ذريعي نڪتو، امر ٿي ويو.
عطرِ حنا ۽ مشڪِ عنبر جي خوشبوءِ کي پسند ڪرڻ وارو بسم ﷲ خان'>استاد بسم ﷲ خان 1916ع ۾ ڄائو. شرناءِ ۾ سندس استاد سندس ئي مامو علي بخش هو، سندس وڏا بھار جي هڪ رياست ڊمراؤ ۾ درٻاري فنڪار هئا. هن جي ماءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويئي ۽ سندس پرورش بنارس ۾ ماماڻن ۾ ٿي. سال 1930ع ۾ صرف 14 سالن جي عمر ۾ ڀريل پنڊال ۾ شرناءِ وڄائي، ماڻهن جا من موهي وڌائين. پنھنجي پهرين ئي پروگرام ۾ شرناءِ ائين وڄايائين، جو واپسيءَ مھل چانديءَ جو تمغو سندس سيني جي سونهن بڻيل هو. پوءِ تہ تمغن ۽ اعزازن ملڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. هو هندستان جو ٽيون ڪلاسيڪي فنڪار هو، جنهن کي 2001ع ۾ هندستان سرڪار اعليٰ ترين اعزاز ”ڀارت رتن“ سان نوازيو. ان کان اڳ کيس پدم ڀوشن عطا ٿيو. سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ ماڻيائين. مڌيه پرديش سرڪار کيس تانسين ايوارڊ ڏنو. وشو ڀارتي يونيورسٽيءَ، شانتي نڪيتن ڊاڪٽريٽ جي اعزازي سند ڏني. صرف 14 سالن جي عمر ۾ استاد جو لقب، پنڊت جواهر لال نهرو کيس ﷲ آباد ۾ هڪ محفل ۾ عطا ڪيو. پاڻ سڌو سنئون درويش صفت انسان هو. ايترو نامور هجڻ باوجود پنھنجي شھر بنا رس ۾ ڪڏهن ڪنهن هوٽل جي اڳيان پياليءَ ۾ چانھہ پيئندي نظر ايندو هو تہ ڪڏهن ڪنهن دوڪان جي صندل تي ويهي دوستن سان ڪچهري ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هو. سندس سواري سائيڪل رڪشا هوندي هئي.
استاد بسم ﷲ خان جڏهن اڪيلي سر شرناءِ وڄائيندو هو تہ بہ واه واه هوندي هئي، پر جڏهن ڪنهن ٻئي ساز جي جگل بنديءَ ۾ شرناءِ وڄائيندو هو تہ پوءِ سبحان ﷲ هوندي هئي. ولايت خان سان ستار، امجد علي خان سان سرود ۽ V.G. Jag سان وائلن جي جگل بنديءَ ۾ وڄايل سندس شرناءِ يادگار جي حيثيت رکي ٿي.
استاد جي شرناءِ مان نڪتل سر هر ڪنهن کي روئاري ڇڏيندا هئا، پر جڏه هي فقير فنڪار محرم مهيني جي اٺين تاريخ، ماتامن جي جلوس گذرڻ وقت، ڪارو ڪڙتو پائي، مٿي اگهاڙو، پيرين اگهاڙو رستي جي ڪنڊ ۾ اڀ پيرو بيهي شرناءِ وڄائيندو هو. ماتامي ياحسين هائي حسين جي وائي ڪندا هئا، استاد جي شرناءِ اوسر وارا آلاپ ڪري روئندي هئي. استاد جي اکين مان ڳوڙها ٽم ٽم ڪري نڪرندا هئا. نہ استاد رهيو نہ استاد جي شرناءِ رهي، رهي نانءُ ڌڻيءَ جو. استاد هن دنيا ۾ آيو بہ 21 تاريخ ۽ ويو بہ 21 تاريخ، اهو عجيب اتفاق آهي.
2006.08.21 عيسوي
سال 2006ع جي آگسٽ مهيني جي 21 تاريخ سومر ڏينهن استاد بسم الله خان جي وڇوڙي جي خبر وڏي ڏک ۽ ارمان سان ٻڌي ويئي . استاد بسم الله خان يا بابا بسم الله خان ، جو نالو سڄي دنيا ، خصوصاً هندستان پاڪستان ۾ وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي . کيس سنگيت جي دنيا ۾ تاج دار واري حيثيت حاصل هئي
1916.00.00 عيسوي
ڇا راڳ ، ڇا ٺمري ، جيڪو ڪجهه سندس شرناءِ مان سريلن سرن ذريعي نڪتو ، امر ٿي ويو . عطرِ حنا ۽ مشڪِ عنبر جي خوشبوءِ کي پسند ڪرڻ وارو استاد بسم الله خان 1916ع ۾ ڄائو .