
استاد احمد علي ٻرڙو
استاد احمد علي ٻرڙو: قنبر شھر جو مشھور فنڪار ۽ ڪئليگرافر احمد علي ولد ﷲ ڏنو خان ٻرڙو، 1914ع ڌاري، نور شاھہ محلي، قنبر ۾پيدا ٿيو. کيس ڪلاسيڪل موسيقي جو گهڻو شوق هو، جنهن ڪري هن مختلف ساز، ڪلارنيٽ، اوبو ڪلارنيٽ، هارمونيم ۽ سِتار وغيرہ وڄائڻ سکيا. سازن تي مهارت رکڻ ڪري قنبر نواب شاھہ، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ شھداد ڪوٽ ۾ ڪيترن اسٽيج ڊرامن جي موسيقي ترتيب ڏيندو هو. کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو بہ شوق هو، جنهنڪري جوانيءَ ۾ ڀارت بہ ويو، جتي بمبئي، دهلي ۽ ڪلڪتي مان گهمي آيو. پنھنجي ان شوق سبب مهراڻ سئنيما قنبر ۾ گيٽ ڪيپر ۽ مئنيجر طور بہ ڪم ڪيائين. استاد احمد علي ٻرڙي کي خوشخطيءَ ۽ پينٽنگ جو بہ ڏانءُ هو. هو قنبر جي سئنيمائن جي بورڊن جي لکائي (ڪئليگرافي) ڪندو هو. سندس وفات دل جي دوري سبب جون 1965ع ۾ ٿي.