استاد احمد خان: استاد احمد خان هڪ خانداني گويو هو ۽ سنڌ جو ممتاز موسيقار ليکيو ويندو هو. سندس پيءُ شادي خان بہ هڪ برک موسيقار ٿي گذريو آهي. سندس ڀائر گامڻ خان ۽ ڪريم بخش خان بہ پنھنجي دور جا مڃيل موسيقار هئا. استاد احمد خان ٽپي ۽ ڌر پڌ جو ماهر هو، مگر پوءِ سمورو توجھہ خيال طرف ڏنائين. سندس آواز ۾ خاص قسم جو تاثر هو، انهن خوبين سبب ٻاهرين ملڪن ۾ بہ سندس عزت هئي. نيپال جي مهاراجا جي دعوت تي اوڏانهن هليو ويو ۽ سندس درٻاري ٿي رهيو. وفات بہ اُتي ڪيائين. استاد جمالو خان ۽ استاد منظور علي خان سندس خاندان مان آهن.