اسان جي پياري رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جي عملي زندگيءَ جا مثال عرف اسوہ حسنہ (ڪتاب): هن ڪتاب جو مترجم عبدالرزاق قاضي آهي. هيءُ ڪرائون سائيز ڪتاب آهي. هن ۾ صفحا 40 آهن ۽ قيمت اڍائي آنا ڄاڻايل آهي. نئشنل پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپيو، سال ڄاڻايل ناهي.