
ازبڪستان شهر جي هڪ عمارت جو ڏيک
اُزبڪستان (Uzbekistan): سمرقند ۽ بخارا جا تاريخي شھر هن وقت ازبڪستان رياست (ريپبلڪ) ۾ شامل آهن، جيڪا 1991ع ۾ سوويت يونين (USSR) جي خاتمي بعد هڪ آزاد جمهوري ۽ خودمختيار رياست طور قائم ٿي آهي ۽ اسلامي تشخص سان سڃاپجڻ لڳي آهي. ازبڪستان جي ڪل پکيڙ 700، 172 چورس ميل (يعني 400، 7، 44 چورس ڪلوميٽر) آهي ۽ آدمشماري ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي. هاڻي ازبڪستان وارا پنھنجي ماضيءَ کي جاڳائي رهيا آهن ۽ پنهنجين وڏين ناميارين شخصيتن جون ورسيون ملهائي رهيا آهن. آڪٽوبر 1998ع حضرت امام بخاري رحه ۽ مشھور رياضي دان احمد فرغانيءَ جي ياد ۾ بين الاقوامي ڪانفرنسون سڏايون ويون، جيڪي مرڪزي ازبڪستان سائنسي اڪيڊمي تاشقند طرفان منعقد ٿيون، جن ۾ سنڌ مان مشھور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سڏايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽرصاحب هڪ تاريخي مقالو پڙهيو هو.
ازبڪستان، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي. افغانستان سان لاڳو آهي. پاڪستان مان جيڪا شاهراھہ گلگت کان اڳتي وڃي ٿي. سا آخر ۾ ساڄي هٿ تي مُڙي، چين ۾ داخل ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن اتان کاٻي واٽ تي هلجي تہ ٿوري فاصلي کان پوءِ ازبڪستان اچي ويندو. ازبڪستان جي گاديءَ جو شھر تاشقند آهي، پر هن ملڪ جا مشھور تاريخي شھر چار آهن: (1) سمرقند، (2) شھر سبز، (3) بخارا ۽ (4) خيوا. انهن شهرن جي ڏسڻ کان سواءِ ازبڪستان جي تاريخي عظمت جي صحيح ڄاڻ حاصل نہ ٿيندي. شھر ماضيءَ ۾ وڏن عالمن، عارفن، مشھور مدرسن، مسجدن ۽ وڏن بادشاهن جي آخري آرامگاهن مرڪز رهيا آهن. سمرقند ۾ وڏي فاتح امير تيمور جو مقبرو آهي، جيڪو عمارت سازيءَ جي اعتبار کان بي مثال يادگار آهي. امير تيمور جو پوٽو الغ بيگ، وڏو بادشاھہ ٿي گذريو آهي. هيءُ وڏو عالم ۽ سائنسدان پڻ هو، جنهن تجربن لاءِ سمرقند ۾ وڏي رسدگاھہ ٺهرائي، جيڪا اڄ بہ موجود آهي. ان کان سواءِ اسلام جي عملي خدمت ۽ عظمت جا ڪيئي روشن ستارا، هنن شهرن جي آس پاس آرامي آهن. امام بخاري رحه سمرقند کان ڏھہ ٻارنهن ميل ٻاهر پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آرامي آهي، جتي موجودہ حڪومت سندس روضو وڏن دروازن واري ايوان ۾ تعمير ڪيو آهي. نقشبندي سلسلي جو باني حضرت بھاءُ الدين نقشبند، بخارا جي شھر کان اتر طرف ڇھن ميلن جي مفاصلي تي آرامي آهي، جتي هڪ وڏي وسيع خانقاھہ، مدرسو، وڏي شاهي جامع مسجد ۽ ٻاهران سادي تربت سندس عظمت جا يادگار آهن. شھر سمرقند ۾ سندس مريد مشھور ولي خواجہ عبيدالله احراءِ مدفون آهي. ”فعانه“ کان هڪ سؤ ڪلوميٽر پري ”اندجان“ جي وادي، بابر بادشاھہ جو وطن آهي، جتي ”باغ بابر“ اڃا تائين موجود آهي.
ڊاڪٽربلوچ صاحب ازبڪستان جي سفر ۾ هيٺيون دلچسپ احوال قلمبند ڪيو آهي:
”مون کي حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو ازبڪستان وڃڻ جو موقعو مليو ۽ ڪانفرنس وقت، تاشقند، سمرقند ۽ فرغانه جا شھر بہ ڏٺم. ان بعد مون پنھنجي ذاتي انتظام ۽ اهتمام سان سمرقند (ٻيهر)، سبز شهر، شھر ڪتاب، شھر ڪرشي، بخارا، اورگنج ۽ خيوا جا شھر ڏٺا. جتان اڀرندي اتر طرفان هليس ۽ سڄي ملڪ مان سفر ڪري الهندي ڇيڙي تي خيوا ۾ پهتس. تاشقند وڏي ۾ وڏو ماڊرن شھر آهي، جنهن جهڙو صاف، ڪشادو ۽ وڏين شاهي عمارتن وارو شهر، پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪونهي، البت اسلام آباد وڌيڪ بهتر پلاننگ سان تاشقند سان ڪلهو هڻي سگهي ٿو. ازبڪستان ۾ جبلن جون وڏيون قطارون آهن، جن مان سون نڪري ٿو. جتان ڪجهہ سال اڳ نوي ملين ڊالرن جو سون ڪڍيو ويو ۽ وڪيو ويو. پئٽرول ۽ گئس جا بي انداز وڏا ذخيرا آهن. زراعت ۾ وڏي ۾ وڏو فصل ”پنبه“ (ڪپھہ) جو آهي. تاشقند کان وٺي خيوا تائين (سواءِ ريگستاني علائقن جي) وونئڻ نظر آيا. اڃا ڪن ڀاڱن ۾ ڦُٽيون هيون ۽ ماڻهن پئي چونڊيون. بخارا کان خوارزم صوبي تائين ٿر مثل ڳاڙهاڻ مائل واريءَ وارو وڏو ريگستان آهي، جنهن کي ”قلز ڪم“ (ڳاڙهي واري) ريگستان سڏجي ٿو. ان ۾ گئس جا وڏا ذخيرا آهن. خوارزم جي (اتر اوڀر) ٻئي طرف ڪاراڻ مائل واري آهي ۽ ان کي ’ڪار ڪم‘ (ڪاري واري) ريگستان چون. سڀ ميوا (انگور، صوف، آڙو، زردالو، ڏاڙهون وغيرہ) ٿين. وڏو ڪارو ڪانءُ عام آهي. اسان واري ڪٻر بہ آهي، جنهن کي ”پاڪستاني مينا“ چون. سندن خيال ۾ ڪٻرون پاڪستان مان ٿيون اچن. باغن ۽ وڻن ۾، ٻاهر توڙي شهرن ۾ شڪڪا پکيءَ جو راڄ آهي. هيءُ پکي ڪانءُ کان وڏو ۽ ڪجهہ ڊگهي پڇ سان آهي ۽ پٺيءَ تي ڪارن اڇن کنڀن جا پٽا اٿس. مون اهو پکي پهريائين ڪوئيٽا جي باغن ۾ ويٺل ڏٺو ۽ بلوچيءَ ۾ ان کي ”شڪڪ“ چون. سڀ کان وڌيڪ تہ ازبڪستان عقابن، بازن ۽ شڪرن جو ملڪ آهي ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ اهي اتان ٿا اچن. سمرقند ۾ مانيءَ جي هوٽل تي ڪبابن وارن جي آڏو بہ اهڙا پکي ويٺا هئا. هڪ کي ٽنگ ۾ ڏور ٻڌل هئي، باقي ٻيو آزاد هو ۽ پئي گهميو. هتي قسمين قسمين ماکي ٿئي ٿي ۽ گهڻو ڪري سڀ جبلن مان اچي ٿي. امام بخاري جي يادگار تي اسان کي جيڪا دعوت کارايائون، ان ۾ ماکي بہ پيالن ۾ رکيائون. اها سفيد ماکي هئي. کائڻ سان ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ان ۾ داڻ داڻ هئي، پر وڏي ڳالھہ تہ ان ۾ عطر واري سرهاڻ هئي. بازار ۾ جتي ڪٿي ماکيءَ جا دڪان هئا، پر اهڙي خوشبودار اڇي ماکي ڪٿي بہ ملي نہ سگهي“. هن ملڪ سان پاڪستان جو هڪ تعلق اهو بہ آهي تہ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ 1965ع واري جنگ جي خاتمي لاءِ مشھور ”تاشقند ٺاھہ“ بہ ازبڪستان جي شھر تاشقند ۾ ٿيو هو.