ارمان (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي ٻهڳڻي شاعر سڳن آهوجا جي شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب آهي. سڳن آهوجا سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو نقاد، ترقي پسند شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ٿي گذريو آهي، پر هو شاعر طور وڌيڪ مشھور هو. هو سنڌيءَ جي صف اول جي شاعرن ۽ نقادن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس ٻہ ڪتاب ”پياري چيز“ (شاعري ۽ نثري تخليقون) ۽ ”ڪنول جاڳي پيا“ (ناول) ڇپجي شھرت ماڻي چڪا آهن، ”ارمان“ سندس شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن مان اسان کي زندگيءَ جو ڀرپور ۽ گوناگون چتر يا عڪس ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ سندس نظم، غزل، آزاد نظم ۽ قطعه شامل آهن، جن ۾ جتي ورهاڱي جو درد ۽ سنڌ، سنڌي تهذيب، شاھہ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاھہ پيار آهي تہ اتي محبت جا جذبا، سجاڳيءَ جا سڏ، زندگيءَ جي ڪٺنائن جو بيان بہ اثرائتي انداز ۾ موجود آهي. مشھور ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا سندس شاعري ۽ تخليقن کي سامهون رکندي کيس مفڪر شاعر سڏيو آهي. سڳن آهوجا جي هيٺئين غزل وڏي شھرت حاصل ڪئي زندگي، تنھنجي ادائن کان ٿيو بر آهيان، غم جا پهلو تہ بدل، نيٺ بہ شاعر آهيان. هي شعري مجموعو، ڪرائون سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل آهي ۽ مشھور اديب ۽ پبلشر، اي. جي اُتم، نئين دنيا پبلشرس پاران مئي 1970ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت صرف ٽي رپيا رکيل آهي.