ارغون: ارغون ترڪستان جي هڪ خاندان جو نالو آهي، جنهن خاندان 1520ع کان 1555ع تائين سنڌ تي بہ حڪومت ڪئي. هن خاندان جو نسبي سلسلو چنگيز خان سان وڃي ملي ٿو. ذوالنون بيگ ارغون، سلطان حسين بايقرا طرفان قنڌار جو حاڪم هو. جڏهن هيءُ شاهي بيگ شيبانيءَ جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو، تڏهن سندس پٽ شاھہ بيگ ارغون قنڌار جو حاڪم مقرر ٿيو. هن (شاھہ بيگ ارغون) ئي سنڌ جي حڪومت سمن جي پوئين حاڪم ڄام فيروز کان کسي، سنڌ ۾ ارغون حڪومت جو بنياد رکيو. شاھہ بيگ جنگ ۾ هميشہ اڳيان رهندو هو. ڪجهہ ڪتاب بہ لکيائين. 930ھہ/1524ع ۾ وفات ڪيائين. هن کان پوءِ سندس پٽ مرزا شاھہ حسن ارغون سنڌ جي تخت تي ويٺو. هن ملتان فتح ڪيو، بکر ۽ سيوهڻ جا قلعا مضبوط ڪيا. سنڌ تي ٻٽيھہ سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ 962ھہ/1555ع ۾ وفات ڪيائين. ان کان پوءِ ارغونن جي حڪومت تي ترخان قبضو ڪري ويا. ارغون- ترخان گهراڻن جو سنڌ تي قبضو نهايت مختصر عرصي لاءِ، يعني فقط 36 سالن لاءِ رهيو، پر ان جو اثر سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن تي ايندڙ اڍائن ٽن صدين تائين رهيو، جو سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي نہ سگهي. ڌارين جي ڏاڍ ڏمر واري حڪومت، غيرشريفانه سلوڪ، اهل سنڌ جي فڪر ۽ حوصلي کي وڏو ڇيهو رسايو. خراسان مان لاتعداد مفرور اميرن ۽ اقتدار پسند پناهگيرن جي آمد سنڌ جهڙي امن پسند ڌرتيءَ لاءِ ڄڻ تہ عذاب الاهي بنجي وئي. ملڪ جا سڀئي قلعا، وسنديون، واهڻ ۽ مال ملڪيتون سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو هو، جن جي نہ ٻولي سمجهہ ۾ ٿي آئي ۽ نہ سندن اٿڻ ويهڻ مناسب هو. سنڌ جي سدا حيات شاعر شاھہ عبداللطيف، جيڪو ان دور کان هڪ صدي پوءِ پيدا ٿيو، تنهن ارغونن کان وٺي سندن جانشين مغلن جي تسلط تائين سنڌ سان جيڪي وهيو واپريو، اُن جي اپٽار هن علامتي انداز ۾ ڪئي تہ: پيَيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نہ ٻُجهن آءٌ سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن مون پڻ مُلا تن، سرتيون سور پرائيو.