ڊاڪٽرارشاد ڪاظمي

ڊاڪٽرارشاد ڪاظمي

ارشاد ڪاظمي ڊاڪٽر

ارشاد ڪاظمي، ڊاڪٽر: ليکڪ، شاعر ۽ مترجم ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي ولدسيد ڪوڙل شاھہ ڪاظمي جو جنم 25 سيپٽمبر 1967ع تي ڪوٽڙي ڪبير، تعلقي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم بي بي ايس (لياقت مئڊيڪل ڪاليج، ڄامشورو) ۽ پوسٽ گريجوئيشن (2014ع ۾ ڊائو يونيورسٽي آف ھيلٿ سائنسز، ڪراچي) آهي، ان کانسواءِ ھن طبي ميدان ۾ 25 کان مٿي فني تعليم ۽ سکيا تي مبني ڪورس پڻ مڪمل ڪيا، جن ۾: ڊزيز سويئلنس، مئنجمينٽ انفرميشن سسٽم (MIS)، وئڪسين لاجسٽڪس مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (VLMIS) ڪونٽراسيپٽو لاجسٽڪس مئنجمينٽ انفرميشن سسٽم (CLMIS)، وبائي بيمارين کان حفاظت، روڪٿام ۽ دفاعي سگهہ جي واڌاري (IPC)، پروڪيورمينٽ ۽ مانيٽرنگ جا موضوع شامل آھن.ھن لکڻ جي شروعات 1982ع کان ڪئي. نظم، نثري نظم، غزل ٽيڙو، ڪالم، افساني/ ڪھاڻي ۽ سفرنامي تي طبعزاد لکڻين کانسواءِ ترجماپڻ ڪيا اٿس. سندس لکڻيون سنجها، پروڙ، عبرت مئگزين، مھراڻ، سرتيون، پرک، افيئر، نيوز مئگزين، عوامي آواز، خادم وطن سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آهن. سندس ٻہ ڪتاب: ”ساحلن تي آوارگيون“ (شاعري- 2012ع) ۽ ”منھنجو ديس جھان “ (سفرنامو: 2021ع) ڇپيل آھن.1993ع کان صحت کاتي، سنڌ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڪم ڪري رھيو آھي. صحت جي ميدان ۾ بنا امتيازخدمتن عيوض کيس ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن، يونيسيف، صوبائي ۽ قومي صحت جي ادارن/ وزارتن پاران مڃتا شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا ويا آھن. پاڻ 2022ع ۾ ڪئناڊا ۾ ٿيل بين الاقوامي ايڊز ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جو حصو رھيو.2012ع ۾ سريلنڪا ۾ رٿيل ورڪشاپ ”رئبيز (Rabies) جي خاتمي لاءِ ڪتن جي آباديءَ جي مؤثر انتظام جو ڪردار“ ۾ پڻ شريڪ رھيو. ان کانسواءِ ٿائيلئنڊ، ڪمبوڊيا، ملائيشيا، ايران، گڏيل عرب امارات، آذربائيجان ۽ ترڪي وغيرہ ۾ بہ ڪيترن ئي ورڪشاپن، سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.09.25  عيسوي

ليکڪ، شاعر ۽ مترجم ڊاڪٽر سيد ارشاد حسين ڪاظمي ولدسيد ڪوڙل شاهه ڪاظمي جو جنم 25 سيپٽمبر 1967ع تي ڪوٽڙي ڪبير، تعلقي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابل اداس ٻٻر
بھار ٻپڙ
مير انيس
عبدالغفور مفتون همايوني
سوامي ڪلاچند ڪلياڻ
فتح فقير
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
زرڪ خان لاشاري
سيد باغ علي شاھہ لکوي
شيطان فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون