ارشاد القرآن (تحقيق) (ڪتاب): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ قرآن شريف جي چونڊ احڪامن سان واسطو رکندڙ آيتن جو سليس سنڌي ترجمو ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب اول هفته وار ’عبرت‘ ۾ قسط وار آيو. سنہ 1946ع اسلاميہ دارالاشاعت هن کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو. ڪتاب ۾ 64 صفحا ۽ قيمت ڏھہ آنا اٿس.