
ارسطو جو خيالي مجسمو
ارسطو: يونان جي مشھور فلسفي، رياضي دان ۽ فلڪيات جي ڄاڻو ارسطوءَ جو مڪمل نالو ارسطاطاليس (Aristotle) هو، جيڪو يونان جي رياست ”مقدونيا“ جي شھر ”اسٽاگرا“(Stagira) ۾ 384 قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو. ارسطوءَ جو پيءُ نيڪوماخوس يونان جي رياست مقدونيا جي بادشاھہ امتناس ٻئي جو درٻاري حڪيم هو.ارسطو ارڙهن سالن جي عمر ۾”اٿينس“ آيو. ويهن سالن تائين هڪ ٻئي عظيم فيلسوف افلاطون جي صحبت ۾ رهيو ۽ کانئس گهڻو ڪجهہ پرايائين. ارسطو دنيا جو تمام وڏو ڏاهو، فلسفي، رياضي دان، ستارن جي علم جو ڄاڻو ۽ ٻين گهڻين ئي خوبين جو مالڪ ٿي گذريو آهي. ارسطوءَ جي نالي ارسطاطاليس جي معنيٰ ”حڪمت سان پيار ڪندڙ“ آهي. ان وقت دنيا جي ٻئي مشھور ڏاهي افلاطون جي اٿينس ۾ هڪ تربيت گاھہ هئي، جتي ارسطو بہ سترهن يا ارڙهن سالن جي عمر ۾ داخلا ورتي ۽ سندس شاگرد ٿيو ۽ ويھہ سال ان تربيت گاھہ مان تعليم حاصل ڪندو رهيو. افلاطون فوت ٿي ويو تہ ارسطو اتان ”ميسيا“ هليو آيو، جتي بادشاھہ وٽ وڃي نوڪري ڪيائين. ارسطوءَ بادشاھہ جي ڀاڻيجيءَ، ”پائي ٿياس“ سان شادي ڪئي. چئن سالن کان پوءِ مقدونيا آيو، جتي کيس بادشاھہ فلپ گهرايو هو. ارسطوءَ اتي سڪندراعظم کي ڇھہ سال پڙهايو. ڪجهہ سال مقدونيا ۾ رهڻ کان پوءِ 327 ق.م ۾ ارسطو ٻيهر اٿينس هليو آيو، جتي هن اسڪول ”ليئم“ جو بنياد وڌو. هو پڙهائڻ کان سواءِ لکندو بہ رهيو. جڏهن 323 ق. م ۾ اوچتو سڪندراعظم جي دوستن کي گرفتار ڪيو ويو. ارسطو اٿينس مان ڀڄي ايوپيا جي شھر چلس هليو آيو. ارسطوءَ جي جامع شخصيت، ادب، فنون لطيفه، سائنس، منطق ۽ فلسفي تي نهايت دور رس اثر مرتب ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح کيس وري فاتح عالم سڪندراعظم جي استاد هئڻ جو پڻ شرف حاصل آهي. هن پنھنجي فلسفي جو آغاز افلاطون جي نظرين تي تنقيد سان ڪيو. ارسطو هن ڪائنات کي ازلي ۽ ابدي تسليم ڪري ٿو. کيس هن ڪائنات ۾ عظيم مقصد ڪارفرما نظر اچي ٿو. ساڳئي وقت هن جي نظر ۾ ڪائنات جو ازلي محرڪ، آخري حقيقت، ”خير“ يعني ”نيڪي“ آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هو روح کي پڻ حقيقت قرار ڏئي ٿو، ليڪن هو ان کي جسم لاءِ هيئت (form) جو درجو ڏئي ٿو ۽ ان کي جسم لاءِ مقصد ۽ تڪميل جو ڪارڻ سمجهي ٿو. جسم سان روح جو تعلق اهڙو آهي، جيئن نظر جو اک سان. هتي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي تہ ارسطو سڀني فاني شين جا ٻہ جزا ڄاڻائي ٿو: اول مادو ۽ ٻيو صورت يا قبول ڪرڻ جي صلاحيت. صورت جي ڪري ئي اسين ان شيءِ کي ڪنهن قسم يا نوع سان منسوب ڪندا آهيون. ارسطوءَ جي ان تعريف مطابق اسان کي مادو ڪڏهن بہ ملي نہ سگهندو، ڇوته صورت کان سواءِ اهو لاشيءِ ٿي پوندو. ان لحاظ کان هو خدا کي محض صورت (form) ڪوٺي ٿو، ۽ مادي کان پاڪ سمجهي ٿو. اهو ارسطو ئي هو، جنهن فلسفي جي دنيا ۾ مابعد الطبعيات (Metaphysics) جو اصطلاح وضع ڪيو جنهن مان هن جو مطلب هو تہ هي مضمون يا ڳالهيون، طبعيات جي دائري کان ٻاهر آهن، جھڙوڪ: ذهن، نفس، روح ۽ خدا وغيرہ. ان کان سواءِ اهڙا سوال بہ ان دائري کان ٻاهر آهن تہ مادي ۽ ذهن ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا انسان آزاد ۽ خودمختيار آهي؟ ڇا خدا جو وجود آهي وغيرہ. انهن سوالن کي ارسطو ئي پهريون دفعو مابعدالطبعيات جي عنوان سان بحث هيٺ آندو. ارسطوءَ، علت (Causality) جي تصور تي بہ نهايت تفصيلي غور ۽ فڪر ڪيو، ۽ هن علت جا چار قسم ڄاڻايا: (1) علت مادي (Material cause)، (2) علت فاعلي (Efficient cause)، (3) علت صوري (Formal cause)، (4) علت غائي (Final cause). هو خدا کي علت غائي سمجهي ٿو. ڏٺو وڃي تہ وچئين دور ۾ ارسطوءَ جي منطق ۽ فڪر، مسلمان مفڪرن، ابن سينا ۽ ابن رشد وغيرہ کي ڪافي متاثر ڪيو، پر هنن ارسطوءَ جي فڪر ۾ گهڻا سڌارا ۽ واڌارا پڻ ڪيا. ارسطوءَ جي مستقل تصنيفن ۾ شعر، سياست ۽ اخلاقيات خاص ڪري قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ طبعيات، حياتيات، مابعدالطبعيات، منطق ۽ تقرير تي سندس مختصر رسالا موجود آهن. ارسطوءَ تمام گهڻن موضوعن تي لکيو آهي، جن ۾ سائنس، ادب، فلسفو، سياست وغيرہ اچي وڃن ٿا. سندس ڪتابن جي فلسفي جي هاڻوڪي دؤر ۾ بہ تمام وڏي اهميت ۽ قدر آهي. هن اهڙيون بيشمار ڳالهيون لکيون آهن، جن جو لاڀ اڄ جو انسان بہ ماڻي سگهي ٿو. دنيا جي تقريباً مڙني موضوعن تي سندس ويچار ملن ٿا. هو 322 ق.م ڌاري وفات ڪري ويو.
0384.00.00 عيسوي
ارسطو: يونان جي مشهور فلسفي، رياضي دان ۽ فلڪيات جي ڄاڻو ارسطوءَ جو مڪمل نالو ارسطاطاليس (Aristotle) هو، جيڪو يونان جي رياست ”مقدونيا“ جي شهر ”اسٽاگرا“(Stagira) ۾ 384 قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو.
0322.00.00 عيسوي
ارسطو 322 قبل مسيح ۾ وفات ڪئي.