ارباب نيڪ محمد

ارباب نيڪ محمد

ارباب نيڪ محمد

ارباب نيڪ محمد: ناميارو ليکڪ ۽ڪالم نگار. سندس اصل نالو نيڪ محمد نهڙي آهي، ادبي دنيا ۾ ارباب نيڪ محمد ۽ عوامي حلقن ۾ نيڪڻ فقير طور پڻ مشھور آهي. هو 1960ع ڌاري هندوستان جي علائقي ”سڄڻ پار“ ۾ ڄائو. سندن وڏا 1960ع کان پوءِ ٿرپارڪر سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن. ميٽرڪ جو امتحان عمرڪوٽ جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ڪئي. مختلف ديني توڙي ادبي عالمن ۽ اڪابرن جي صحبت ۾ رهيو. سادو لباس پهريندو آهي ۽ خوش مزاج شخصيت جو مالڪ آهي، علمي، ادبي مطالعي سان گڏ حالات حاضره کان بہ باخبر رهي ٿو. سندس ڪالمن ۾ علمي ادبي ۽ سياسي بصيرت نمايان هوندي آهي. هن وقت عمرڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ارباب نيڪ محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

ارباب نيڪ محمد: ناميارو ليکڪ ۽ڪالم نگار . سندس اصل نالو نيڪ محمد نهڙي آهي ، ادبي دنيا ۾ ارباب نيڪ محمد ۽ عوامي حلقن ۾ نيڪڻ فقير طور پڻ مشهور آهي . هو 1960ع ڌاري هندوستان جي علائقي ” سڄڻ پار “ ۾ ڄائو .



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حداد محمد علي
اشفاق لغاري
رعنا شفيق
ضراب حيدر
عنايت ﷲ زنگيجو
محمد حسين ڪروڙ پتي
گوبند پنجابي
سليم سولنگي
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
ڄيٺو لالواڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون