ارباب علي ’مسافر‘ شيخ

ارباب علي ’مسافر‘ شيخ

ارباب علي مسافر شيخ

ارباب علي ’مسافر‘ شيخ: ارباب علي ’مسافر‘ ولد الھڏنو شيخ، پهرين اپريل 1925ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ڇھہ درجا سنڌي هئي. سندس وڏا اصل رُڪ اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ سهڪجيءَ جا ويٺل هئا. هن شروع ۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪئي، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي هڪ خانگي وڪيل وٽ منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو ڪم ٽيهن سالن تائين ڪندو رهيو. کيس مجازي عشق جي چوٽ لڳي،. ان ڪري 1948ع کان شاعري ڪيائين.
ارباب علي ’مسافر‘ سنڌيءَ سان گڏ اردو زبان ۾ بہ شاعري ڪئي. سندس شاعري نهايت سادي ۽ عام فھم آهي. غزل سندس پسنديدہ صنف هئي، ارباب علي ’مسافر‘ مارچ 1991ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام مان غزل جا ڪجهہ بند نموني طور ڏجن ٿا:
دلڙي ڏني مون تو کي عادل عجيب سمجهي،
تو ئي ڌڪاري ڇڏيو مون کي غريب سمجهي.
ڪيڏي ڪيم وفائي، جيءَ جان جي جفائي،
سڀ ڪجهہ ڪيو مٺا مون، توکي حبيب سمجهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.04.01  عيسوي

ارباب علي ’مسافر‘ ولد الهڏنو شيخ، پهرين اپريل 1925ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مهدي قاضي
سيد حافظ شاھہ حافظ حسيني
چيزل شاھہ
امداد جعفري
احمد فقيرمستان
مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي
ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
حمايت علي شاعر
راشدي زمان شاھہ
صديقي منظور احمد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون