ارباب

اَربابُ: سما قبيلي جي ڪن خاندانن جو لقب. سمن جي مقابلي۽ جنگين ۾ سماٽ قبيلن کي گهڻو نقصان پهتو. ان هوندي بہ ڪن قبيلن ۽ گروهن پنهنجو وجود برقرار رکيو. جيئن تہ اُنڙن پنھنجي موجودہ اڳواڻ ”ڄام تماچيءَ“ جي روپ ۾، سمن جي شاهي خاندان جي نالي کي قائم رکيو آهي. سما قبيلو گهڻين نکن ۾ ورهايل هو، جن جي سڃاڻپ پنھنجي سردارن جي نالن سان ٿيندي هئي. جھڙوڪ: ڄام، ارباب، وڏيرا ۽ ڄاموٽ وغيرہ. ٿر ۽ گولاڙچي، توڙي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ نُهڙيا قبيلي جو سردار پاڳارو سڏجي.ان جو هن وقت پنجويهون پاڳارو ارباب جلال الدين آهي، ان کان علاوہ سياسي حوالي سان نهڙين ۾ ارباب خانصاب توڳاچي ارباب حاجي الهجڙيو، تاج محمد'>ارباب تاج محمد، امير حسن'>ارباب امير حسن، ارباب فيض محمد ، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ، ارباب عطاءُ ﷲ ۽ ارباب ذڪاءُ ﷲ جا نالا سرفهرست آهن. هالن نون، دڙي، لاکن ۽ بَٺي جا ميمڻ بہ ارباب سڏائيندا آهن. ”ارباب“ عزت وارو لقب آهي، تنهنڪري عام ماڻهن پنھنجي اولاد (پٽن) جو نالو پڻ ارباب رکايو. انهيءَ ڪري ڪن ڳوٺن ۽ ديهن جا نالا بہ انهن ماڻهن جي پٺيان مشھور ٿيا.


لفظ اربابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو