ادريسي

ادريسي: ابوعبدالله بن ادريس عرب جو مشھور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو، شريف ادريسيءَ جي نالي سان بہ سڏيو ويو، سبته (مغرب اقصيٰ) ۾، 492ھہ/1099ع ۾ ڄائو. قرطبه (اسپين) ۾ تعليم حاصل ڪيائين. آفريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جي سياحت ڪيائين ۽ اتان جي ڪارآمد معلومات حاصل ڪيائين. آخرڪار صقليه جي نارمن بادشاھہ راجر ٻئين کيس پنھنجي درالحڪومت پلرمو ۾ گهرايو. ادريسيءَ سندس فرمائش تي دنيا جو نقشو ۽ مفصل جاگرافي ”نزهت المشتاق“ جي نالي سان تصنيف ڪئي، جيڪا هڪ مستند ڪتاب جي حيثيت سان صدين تائين مشرق ۽ مغرب ۾ مقبول رهي. هن بادشاھہ لاءِ چانديءَ جو ڪره بہ ٺاهيو هو. سال 549ھہ/1154ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1099.00.00  عيسوي

ادريسي: ابوعبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو ، شريف ادريسيءَ جي نالي سان به سڏيو ويو ، سبته ( مغرب اقصيٰ ) ۾ ، 492هه/1099ع ۾ ڄائو .


0492.00.00  هجري

ادريسي: ابوعبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو ، شريف ادريسيءَ جي نالي سان به سڏيو ويو ، سبته ( مغرب اقصيٰ ) ۾ ، 492هه/1099ع ۾ ڄائو .


1145.00.00  عيسوي

سال 549هه/1154ع ۾ وفات ڪيائين .


0549.00.00  هجري

سال 549هه/1154ع ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائو در محمد ٻرڙو
تماچي
بيگم فقيرياڻي
بخاري مستور فاطمہ
امير پير
سوامي هردارام
عبدالستار خان گبول
خواجہ احمد عباس
پير ابو محمد صالح شاھہ جيلاني
سنت لوڙنگ ڏي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون