ادا قاضي

ادا قاضي

ادا قاضي

اَدا قاضي: سنڌ جو مشھور ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، ڪالم نويس، مصور ۽ اُستاد اَدا قاضيءَ جو اَصل نالو قاضي فضل ڪريم هو، هن 8 فيبروري 1937ع تي شھدادڪوٽ شھر ۾ قاضي محمد اَمين جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد روينيو کاتي ۾ تپيدار ۽ مختيارڪار رهيو. ڊرائنگ ٽيچرس ڪورس (1985ع) ۽ ايم. اي اڪنامڪس ڪرڻ بعد هڪ ڊرائنگ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪندي 1997ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. مشھور شاعر، صحافي ۽ اُستاد قاضي عبدالحئي ’قائل‘ سرشاري سندس چاچو هو. هن قاضيءَ 1984ع کان لِکڻ جي شروعات بطور ڪھاڻيڪار ڪئي، پر جُز وقتي طور شاعري بہ ڪندو رهيو. هن مزاحيہ ڪھاڻين سان گڏ اَخباري ڪالم پڻ لِکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ڪاري‘ (ڪھاڻيون)، ’سامَ‘ (ڪھاڻيون)، ’شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو جديد مطالعو‘ (تحقيقي مقالا)، ’ٽياس‘ (ڪھاڻيون، 2002ع)، ’آخري ڪاغذ‘ (ڪھاڻيون، 2010) ۽ ’چھر‘ (مزاحيہ ڪھاڻيون،2010ع) شامل آهن. اَدا قاضيءَ جي ڊرامن مان ’حوصلو‘ (سولو پلي) سنڌ ٽي.ويءَ تي مشھور ٿيو، اَهڙيءَ ريت ’ڪھاڻي‘، ’فريم ٿيل محبتون‘، ’جونيئر‘ ۽ ’اَنٽرويو‘ ڊراما ڪي. ٽي. اين تان نشر ٿيا. 28 آڪٽوبر 2022ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.02.08  عيسوي

ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ڪالم نويس ادا قاضي، 8 فيبروري 1937ع تي ميرو خان، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دين محمد لاشاري
سيد خيرالدين گيلاني
بانو قدسيه
تيجومل
جتوئي عبدالرحمٰن
اسدالله شاھہ فدا ٽکڙائي حڪيم
آصفه ڀٽو زرداري
محمد ميان سومرو
راڄن شاھہ ماٽائي
شمل خاتون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون