ادا جعفري

ادا جعفري

ادا جعفري

ادا جعفري: اردوءَ جي مشھور شاعره. 21آگسٽ 1924ع تي بدايون (هندستان) ۾ پيدا ٿي. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ڪراچي لڏي آئي.سندس اصل نالو عزيز جھان هو. تيرهن سالن جي عمر ۾ ’ادا بدايوني‘ ۽ شادي کانپوءِ ’ادا جعفري‘ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. سندس شاعريءَ جي مجموعي ’شھر درد کي‘1968ع ۾ آدم جي ادبي اوارڊ مليو. ان کان علاوه ”مين ساز ڊهونڊتي رهي“ (شاعري 1950ع)، ”غزالا تم تو واقف هو“ (شاعري 1974ع)، ”ساز سخن بھانه هي“ (شاعري 1982ع) ، ”موسم موسم“ (ڪليات 2002ع) ۽ ”جو رهي سو بي خبري“ (سوانح حيات 1995ع) شامل آهن.حڪومت پاڪستان پاران ادبي خدمتن جي عيوض کيس تمغه امتياز (1991) ۽ تمغه حسن ڪارڪردگي (2003ع) اوارڊ مليا. ان کان علاوه کيس ميڊل آف ايڪسيلنس (1981ع) به مليو. 12 مارچ 2015ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.08.21  عيسوي

اردوءَ جي مشھور شاعره. 21آگسٽ 1924ع تي بدايون (هندستان) ۾ پيدا ٿي.


2015.03.12  عيسوي

ادا جعفريءَ 12 مارچ 2015ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راحت ڪاظمي
الهداد راهو
احمد خان چانڊيو
سنت سُروپداس
حميده کهڙو ڊاڪٽر
امام ڏنو فقير
شيدي محمد بخش
جعفر صادق عليه السلام امام
سرهو فقير
ڄام گوڙجي(اول)
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون