اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

اداس شهر جي لُٽيل تاريخ

اداس شھر جي لُٽيل تاريخ

اداس شھر جي لُٽيل تاريخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب، دانشور همير چانڊئي جي مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 19 مضمون شامل آهن، جيڪي شڪارپور شھر جي تاريخ ۽ موجودہ صورتحال بابت آهن. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب ۽ دانشور ممتاز منگيءَ لکيو آهي، جڏهن تہ روزاني ڪوشش اخبار جي ايڊيٽر نعمت کهڙي، خالد ڀٽي، سعيده چانڊيو، ساجد چانڊئي ۽ عظميٰ همير جا رايا پڻ شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا ٽن تاريخي ڪردارن: راءِ بھادر اوڌو داس، ايشوري ٻائي ۽ چيلارام سيتل داس کي ڪيل آهي. 128 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سمبارا پبليڪيشن، نومبر 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو