ادارہ آواز ادب حيدرآباد:ادارہ آواز ادب حيدرآباد، آڪٽوبر 1957ع ۾ رسول بخش ”خمار“ قائم ڪيو. هن اداري سنڌي ادب کي سُٺا معياري ۽ سستا ڪتاب ڏنا، جن ۾:’حُسنا‘، ’سورج شاخون ڪڍيون‘، ’درياھہ جي ڪپ تي‘، ’اداسيءَ جون آهون‘، ’نوران‘، ’پريت پراڻي ريت نرالي‘، ’سوري آ سينگار‘، ’ڪلب ۽ گهر‘ جھڙا ناول ۽ هڪ ناوليٽ ’روشنيءَ جي تلاش‘ شامل آهن. اُن کانسواءِ ’عبرت ڪدہ‘ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون، ’انصاف ڪٿي آهي؟‘، ’سپون‘، ’نازبوءِ‘، ’چنڊ جا تمنائي‘، افسانن جا مجموعا بہ شايع ڪيا. ان کانسواءِ نفسيات ۽ تاريخ جي موضوع تي پڻ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. جن ۾ بابر، سلطان محمود غزنوي ۽ رابعہ بصريءَ، سوانحي ڪتاب شامل آهن. ريڊيو ڊرامن تي مبني ’پاڇا ۽ پڙلاءُ‘ ٻاراڻي ادب تي ’چانڊوڪي‘، ’باکون‘، ’رات جي راڻي‘، ’ڦلواڙي‘ جھڙا نادر ۽ ناياب ڪتاب بہ هن ئي اداري شايع ڪيا. ادارہ آواز ادب طرفان شايع ٿيل ڪتابن جي مقبوليت سبب اهي ڪتاب ٻيو ۽ ٽيون ڀيرو اشاعت هيٺ آيا، هن اداري طرفان حيدرآباد ۾هڪڙو بُڪ اسٽال پڻ قائم ڪيو ويو هو، جنهن تي هند ۽ سنڌ جا بھترين ڪتاب رکيا ويندا هئا.