اخلاق حسنہ

اخلاق حسنہ (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ جو رسول پاڪ جي اخلاق حسنہ تي لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو جلد ڪچو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو، آزاد بڪ ڊيپو، حيدرآباد 1957ع ۾ ڇپايو. هن نالي سان ٻہ ٻيا ڪتاب بہ ڇپيل آهن: پهريون ڪتاب خواجہ احمد عليءَ ۽ قاضي محمد عليءَ جو لکيل آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 154 صفحا ڏنل آهن. ڇاپو پهريون، قرآن پريس، حيدرآباد مان 1962ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 184 صفحا ڏنل آهن. بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن حيدرآباد طرفان، ڇاپو پهريون، اسلاميہ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1962ع ۾ ڇاپيو ويو.


لفظ اخلاق حسنہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو