اختر ڪاڪيپوٽو

اختر ڪاڪيپوٽو

اختر ڪاڪيپوٽو

اختر ڪاڪيپوٽو: جيالاجيءَ جو ماهر اختر ڪاڪيپوٽو پھرين سيپٽمبر 1953ع تي، ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ، جيڪب آباد ۽ خيرپور مان حاصل ڪئي.خيرپور جي ممتاز ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران هن سياست ۾ حصو ورتو. اِن دؤران 4 مارچ وارو واقعو پيش آيو. 20 اپريل 1973ع تي کيس سپيريئر سائنس ڪاليج ۾، جساف جو صدر چونڊيو ويو، انهي دؤر ۾ هن جي. ايم سيد کي ڪاليج ۾ گهرائي، وڏو جلسو ڪرايو، جنھن تي حڪومت جي.ايم سيد کي نظربند ڪيو ۽ اختر سميت ٻين ڪارڪنن کي جيل ۾ وڌو ويو. ان تي سندس والد کيس گهران بيدخل ڪري ڇڏيو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ علي احمد ڏوگر ۽ ٻين دوستن کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏني. يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالرشپ ملڻ کانپوءِ هن پنھنجي تعليم تي جوڳو ڌيان ڏنو، ان سان گڏ سياست ۾ سرگرم رهيو. کيس جساف سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جو صدر چونڊيو ويو. بعد ۾ جساف جو آرگنائيزر مقرر ٿيو. هن عطاءُ ﷲ انڙ ۽ ٻين دوستن سان گڏجي جساف جو آئين بہ ٺاهيو. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران هن لکڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا.
1978ع ۾ يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺڻ کانپوءِ هُو جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان ڪوئيٽا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. اُتي هن پنھنجي ٽيم سان گڏجي 200 ملين ٽن لوھہ جي کاڻ ڳولھي هٿ ڪئي، جيڪا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي کاڻ آهي. ڪوئيٽا ۾ رهڻ دؤان هن سنڌي ادبي سنگت ڪوئيٽا شاخ جو بنياد وڌو، جنھن جو 25 سال پاڻ سيڪريٽري ٿي رهيو. 2013ع ۾ هن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيو ۽ 2018ع ۾ گهر واريءَ جي وفات کانپوءِ هو خيرپور موٽي آيو، پر ڪجهہ وقت کان طبيعت جي ناسازيءَ ڪري ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اختر ڪاڪيپوٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.09.01  عيسوي

جيالاجيءَ جو ماهر اختر ڪاڪيپوٽو پھرين سيپٽمبر 1953ع تي، ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحماني مفتي خان محمد
انور وسطڙو ( راڳي)
عابدہ گهانگهرو ڊاڪٽر
آچر فقير مڱڻهار
عبدالملڪ بن مروان
جميل جالبي ڊاڪٽر
رحيم بخش شيخ
الانا ڊاڪٽر غلام علي
جعفر علي ارغون
ديويڪا راڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون