اخبار تعليم

اخبار تعليم

اخبار تعليم

اخبار تعليم: اخبار تعليم سنڌ جي هڪ قديم مئگزين آهي، جيڪا 1902ع ۾ نامياري تعليمدان چند شوقيرام'>تارا چند شوقيرام، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان شايع ڪئي، پاڻ ان وقت ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال هو. هيءَ مئگزين سنڌ جي تعليم کاتي جي ترجمان رهي آهي. هڪ صديءَ کان مٿي عرصو هلندڙ هن مئگزين سنڌ جي ثقافت، ادب، ٻولي ۽ تعليم جي بهتري ۽ واڌاري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. زماني جي لاهن چاڙهن باوجود هن مئگزين جي بنيادي مقصدن ۾ قومي تعليمي پاليسين جي روشنيءَ ۾ استادن ۽ تعليمدانن جي رهنمائي ڪرڻ، حڪومت پاران هلندڙ تعليمي پاليسين جي روشنيءَ ۾ استادن ۽ تعليمدانن جي رهنمائي ڪرڻ، حڪومت پاران هلندڙ تعليمي منصوبن جي ڄاڻ ڏيڻ، استادن ۽ شاگردن جي سکيا جي مسئلن کي بيان ڪرڻ ۽ تعليمي نظام کي بهترن بنائڻ لاءِ تجويزون، تجزيا ۽ رايا ڇاپڻ آهي. رسالي جو اهم مقصد سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي جي سرگرمين جي ڄاڻ پڻ ڏيڻ آهي. سنڌ جي نامياري تعليمي ماهر ۽ استاد سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، سڪرنڊ جي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ۾ تربيت وٺندڙ استادن کي 1967ع ۾ خطاب ڪندي اخبار تعليم جاري ڪرڻ جا هيٺيان مقصد بيان ڪيا:
1. وڏن وڏن ماهر ۽ قابل استادن کان علمي مضمون لکرائي، انهيءَ رسالي ذريعي سڄي سنڌ جي استادن جي ڄاڻ ۾ اضافو آڻجي.
2. تعليم سان واسطو رکندڙ ڏکيا مسئلا حل ڪري منظر عام تي آڻجن.
3. تعليمي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقيءَ ۾ نون سُڌارن بابت معلومات شايع ڪري ڪنڊ ڪڙڇ جي اسڪولن جي ماسترن کي ان کان آگاھہ ڪيو وڃي.
اخبار تعليم ۾ تعليم سان لاڳاپيل مڙني موضوعن تي مواد ڇپبو رهيو آهي. هن اخبار سنڌ جي ادب، تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ بابت بھترين مضمون شايع ڪيا آهن. جيئن سنڌي نثر، نظم، گرامر، مضمون نويسي وغيرہ ڪيئن پڙهائجن. انهن مان هر هڪ موضوع تي ڪيترائي مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. جاگرافي، زراعت، تاريخ، اسلاميات، مذهب، اخلاقيات، جسماني صحت، سائنس جي موضوعن تي ڪافي روشني وڌي وئي آهي. رياضيءَ جي وڏن وڏن ڏکين مسئلن ۽ حسابي ڪمن کي اخبار جي ذريعي حل ڪيو ويندو رهيو آهي. اسڪول ۾ ضابطي، نگراني ۽ انتظام متعلق مواد ڏنل آهي. سنڌ جي مختلف راندين، هنرن، موسيقي، تعليم، بالغن جي تعليم، عورتن جي تعليم ۽ انساني حقن بابت معلوماتي مضمون ڏنل آهن. زوري/ لازمي تعليم، بالغن جي تعليم، عورتن جي تعليم ۽ انساني حقن بابت معلوماتي مضمون ڏنل آهن. ٻين مشرقي ۽ مغربي ملڪن جي رهڻي ڪهڻي، رسمن رواجن ۽ اتي جي تعليم جي طريقن بابت حقيقتون ڏنيون ويون آهن. نون تعليمي طريقن، مهارتن جھڙوڪ: مانٽيسوري، ڪِنڊر گارٽِن، آکاڻيءَ وارو طريقو، مشاهداتي طريقو، سرگرمين وارو طريقو ۽ شاگردن جي مختلف گهڻ رخي ذهانتن ۽ گهڻ جماعتي تدريس جي باري ۾ ۽ تدريسي امدادي شين جي متعلق بھترين مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن.
اخبار تعليم ۾ سنڌ ۽ دنيا جي ناميارن عالمن ۽ تعليمي ماهرن جي سوانح حيات ۽ علمي ادبي ڪارنامن ۽ نظرين جو پڻ ذڪر ڪيل آهي. انهن ۾: جان جيڪس روسو، فروبيل، حڪيم ارسطو، طاليس، قائداعظم محمد علي جناح، محترمہ فاطمہ جناح، ايس ڊي ڪانٽريڪٽر، اين. اي بلوچ، غلام علي نانا، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ ٻيا شامل آهن. 1949ع کان اخبار تعليم نون ڇپيل ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرا ڏيڻ شروع ڪيا، جيڪا سنڌي ادب جي وڏي خدمت آهي. ڪتابن تي تبصرن کان علاوہ اخبار تعليم پاران بھترين ليکڪن جي پڻ همت افزائي ڪئي وئي. سال 14-1913ع کان اخبار تعليم ۾ مضمون لکندڙ ليکڪن لاءِ انعامي سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو. اخبار تعليم ۾ تعليم کاتي پاران وقت بوقت نڪرندڙ مختلف نوٽيفڪيشن هدايتون تعليم کاتي ۾ آفيسرن جون ٿيندڙ بدليون ۽ عام تعليمي خبرون ۽ اطلاع پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن.
اخبار تعليم جا مکيہ ايڊيٽر: اخبار تعليم جا اڪثر ايڊيٽر ٽريننگ ڪاليج فار (مين) حيدرآباد جا پرنسپال ۽ استاد رهيا آهن. جنهن ۾ باني ايڊيٽر راءِ بھادر ديوان چند شوقيرام'>تارا چند شوقيرام، ديوان پريمچند آوتراءِ جهانگياڻي، خانبهادر نور الدين غلام علي الانا، صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مسٽر غلام حسين سومرو، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، مسٽر غلام رضا ڀٽو، رحيم بخش سرهيو، مسٽر غلام اصغر ونڊير، ڊاڪٽر اطهر رضوي، واحد بخش شيخ، علي حيدر جج، محمد سليمان خاصخيلي، ڊاڪٽر عبدالجبار مغل، الھڏنو سهتو، شير شاھہ بخاري'>سيد شير شاھہ بخاري، هن وقت بہ اخبار تعليم شايع ٿي رهي آهي، جنهن جو ايڊيٽر محمد ادريس جتوئي آهي. اخبار تعليم سن 2002ع کان نئين سوچ، نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ شايع ٿي رهي آهي. اخبار تعليم جي لاءِ نامياري استاد محمد صديق مسافر جو ورهاڱي کان اڳ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن اخبار تعليم ۾ نئون روح ڦوڪيو.
اخبار تعليم ۾ سنڌ جي ويهين صديءَ جي اڪثر ناميارن ليکڪن، تعليمي ماهرن، استادن جا مضمون، تقريرون، ليڪچر شايع ٿيندا رهيا آهن. مٿين ايڊيٽرن کانسواءِ جن ليکڪن مضمون لکيا آهن، تن ۾: محمد صديق مسافر، پروفيسر شيوارام اين ڦيرواڻي، اتمچند گنگارام، خوبچند ايسرداس جگياڻي، ڄيٺمل پرسرام، پرمانند ميوارام، بولچند ڏيارام، ڪشنچند بيوس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، کيئرو مل، مرزا قليچ بيگ، علامہ علي خان ابڙو، حافظ احسن چنا، الھہ بخش قريشي، جمع خان، ڊاڪٽر نبي بش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، رحيم بخش ميمڻ، پير حسام الدين راشدي، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاھہ، سيد غلام مرتضيٰ شاھہ (جي. ايم. سيد)، فتح محمد سيوهاڻي، مسٽر جمشيد مهتا، لطف جوڳي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سيد عبدالحسين موسوي، علي محمد نور محمد، ڊاڪٽر حبيب صديقي، عبدالغفار صديقي، محمد جمن ٽالپر، الياس سومرو'>ابن الياس سومرو، محمد اسماعيل عرساڻي،جمع خان غريب، محمد پريل اشرفاڻي، پروفسير ورايو بھڻ وغيرہ شامل آهن.
اخبار تعليم وقت بوقت سالنامه/ خاص نمبر طور پڻ ڪڍندي رهي آهي. اهڙا نمبر 1951ع کان 1961ع تائين شايع ٿيا. ڊاڪٽر حبيب صديقي ۽ عبدالغفار صديقي جي ڪوششن سان اخبار تعليم جا پراڻا ايڊيشن ٻيهر ڇاپيا ويا. جن ۾ سال 1908ع، 1909ع، 1910ع ۽ 1911ع جا مڪمل اخبار تعليم جا شمارا ڪتابي صورت ۾ موجود آهن. اخبار تعليم 1980ع جي ڏهاڪي تائين سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. انکانپوءِ ڪجهہ مضمون انگريزي ۽ اردو ۾ پڻ ڇپبا رهيا آهن. اڳي اخبار تعليم کي پوري تعليم کاتي جي سرپرستي حاصل هوندي هئي ۽ اخبار تعليم مان ڇپجڻ بعد هر هڪ تعليمي ماستر وٽ پهچندي هئي. اتان هٿو هٿ استادن کي ملندي هئي. هر هڪ استاد تعلقي ماستر وٽ قيمت جمع ڪرائيندو هو، جيڪا بروقت ٽريننگ ڪاليج فار (مين) حيدرآباد جي پرنسپال کي مني آرڊر وسيلي موڪليندو هو. ائين اخبار تعليم ريگيولر نڪرندي هئي. هاڻي استادن جي پگهارن جو طريقو بدلجي ويو آهي. سموري جوڙجڪ تبديل ٿي وئي آهي، جنهن جو اثر اخبار تعليم تي بہ پيو آهي.


لفظ اخبار تعليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو