احمد علي شاھہ: عارفاڻو شاعر، جنهن جو ذڪر سيد فاضل شاھہ جي ”ڪافين جي ڪتاب“ ۾ موجود آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو تہ هو سال 1305ھہ/1887ع کان اڳ ٿي گذريو آهي. فاضل شاھہ جي لکڻ موجب، ”احمد علي شاھہ سيد ماتليءَ جو رهندڙ آهي“. فاضل شاھہ جي ڪتاب ۾ سندس ٻہ ڪافيون ڏنل آهن. نصرپور جي قلمي ذخيري مان پڻ احمد علي شاھہ جون ٻہ ڪافيون مليون آهن.