ڊاڪٽر احمد سومرو

ڊاڪٽر احمد سومرو

احمد سومرو ڊاڪٽر

احمد سومرو، ڊاڪٽر: استاد ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر احمد سومرو، 6 ڊسمبر 1982ع تي ٺارو شاھہ، ضلعي نوشھري فيروز ۾ محمد عمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. ’سومرا دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو تحقيقي جائزو‘ جي عنوان هيٺ مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. 2010ع ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ بطور ليڪچرر مقرر ٿيو. 2014ع کان ’سنڌ فيسبڪ فرينڊس‘ نالي هڪ سماجي رضاڪار سٿ وسيلي، فيسبڪ تي، سنڌي ماڻهن جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي سھائتا ڪري رهيو آهي. سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ 2 سنڌي فونٽ: ’ايم.بي سنڌي ساهت‘ ۽ ’ايم.بي احمد سومرو‘ پڻ ٺاهيا اٿس. ان کان علاوہ هن ’سنڌي ساهت ڊاٽ ڪام‘ جي نالي هڪ ويب سائيٽ پڻ ٺاهي. هن جو، ’شاھہ لطيف جو نفسياتي اڀياس‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب2021ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.12.06  عيسوي

استاد ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر احمد سومرو، 6 ڊسمبر 1982ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشھري فيروز ۾ محمد عمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير لاکو لطف ﷲ
قائم الدين ڪنڀار
ديبلي ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي
قاضي فضل ﷲ
تاجو فقير اوٺوال
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
سندري اتمچنداڻي
بلاول بيلجم
تيرٿ سڀاڻي
دودو مهيري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون