احمد سلطان کوسو

احمد سلطان کوسو

احمد سلطان کوسو

احمد سلطان کوسو: مشھور ڪاموري، اديب ۽ شاعر احمد سلطان کوسي جو پورو نالو احمد علي ولد حاجي رحيم بخش کوسو آهي. سندس جنم پھرين جنوري 1964ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري ڊي. ايم. جي گروپ ۾ آيو ۽ مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. هن وقت پاڻ سنڌ جي ماحوليات کاتي جو سيڪريٽري آهي. ننڍپڻ کان ئي ادب سان سندس دلچسپي رهي ۽ ڪيتري وقت کان شاعري ڪري رهيو آهي. هن شاعريءَ جي شروعات نوحا، مرثيہ ۽ قصيده لکڻ کان ڪئي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ’سرچاءُ‘ (2012ع)، ’سيد المرسلين‘ (اردو شاعري)، ’منھنجو حبيب‘ (شاعري) ۽ ’عرفان عشق‘ (اردو شاعري) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.01.01  عيسوي

احمد سلطان کوسي جو جنم پهرين جنوري 1964ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيوارام ڦيرواڻي
عبداللطيف مھر
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
شمس سومرو ڊاڪٽر
صبيحا نذير مگسي
عنايت ﷲ سومرو سھيل
بادل جمالي
ناصر بلوچ
سلطان حيدر مرزا
صابري عبدالغفار مولانا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون