احمد رضا بريلوي: عالم ۽ محدث، احمد رضا خان بن مولانا نقي علي خان جو جنم 10 شوال 1272ھہ/ 14 جون 1856ع تي ڀارت جي پرڳڻي اتر پرديش جي شھر بريليءَ ۾ ٿيو. والد سندس نالو محمد ۽ ڏاڏي، احمد رضا خان رکيو. اڳتي هلي هن پنھنجي نالي ۾ عبدالمصطفيٰ جو اضافو ڪيو. اڳتي هلي کيس فاضل بريلويءَ جي نالي سان سڏيو ويو.
احمد رضا بريلويءَ جو والد ۽ ڏاڏو ٻئي عالم ۽ شيخ طريقت هئا. سندس والد مولانا نقي علي خان ڪيترن ڪتابن جو مصنف هو. سندس وڏو ڏاڏو محمد سعيدالله خان، قنڌار جي مشھور پٺاڻ قبيلي بڙهيچ سان تعلق رکندو هو، جيڪو مغل دؤر ۾ لاهور آيو هو. هي قبيلو علم ۽ بهادريءَ ڪري ممتاز حيثيت رکندو هو. مغل دؤر ۾ سعيدالله خان کي ’شجاعت جنگ‘ جو خطاب ڏنو ويو. سندس پٽ سعادت يار خان بہ مغلن جو عهديدار هو، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: اعظم خان، معظم خان ۽ مڪرم خان. اعظم خان ۽ سندس خاندان بريليءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي.
احمد رضا فاضل بريلوي، ننڍپڻ کان وٺي ذهين هو. سندس سوانح نگار ان تي متفق آهن تہ هن چئن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد ناظره ختم ڪيو ۽ ڇھن سالن جي ڄمار ۾ منبر تي ويهي عيد ميلادالنبيصه جي جلسي کي خطاب ڪيائين. هن صرف و نحو جا پهريان ڪتاب مولانا مرزا غلام قادر بيگ وٽ پڙهيا، پوءِ سمورا علم ۽ فن والد کان پڙهيو. 13 سالن جي عمر ۾ صرف، نحو، ادب، حديث، تفسير، ڪلام، فقھ، اصول، معاني، بيان، تاريخ، جاگرافي، رياضي، منطق، فلسفي، هيئت جي تڪميل ڪري، 1869ع ۾ فارغ التحصيل ٿي دستاربند ٿيو. ساڳئي سال فتويٰ نويسي ۽ درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين. هن کي اڪثر ڪتابن جا حوالا ياد هوندا هئا، تنهنڪري کيس ’حافظ‘ بہ سڏيندا هئا. ان ڪري هن قرآن مجيد ’حفظ‘ ڪرڻ جو خيال ڪيو ۽ مهيني اندر پورو قرآن مجيد حفظ ڪري ورتائين.
مولانا احمد رضا ديني علمن تي مڪمل دسترس رکندو هو. هو فقيھہ ۽ شاعر هو. سندس سوين تصنيفون آهن، علم ۽ فن جي هر شعبي تي قلم کنيائين. حديث ۽ اصول حديث ۾ هن 45 ڪتاب لکيا، جن ۾ ’صحاح سته‘ جون شرحون شامل آهن. هن حديث جي مشھور شرحن: ’عمدة القاري‘ ۽ ’فتح الباري‘ تي حاشيا لکيا. هن جا ’عقائدالڪلام‘ تي 22 ڪتاب، فقھ ۽ تجويد تي 70 ڪتاب، تاريخ، سيرت ۽ مناقب تي 11 ڪتاب، ادب، نحو، لغت ۽ عروض بابت 6 ڪتاب، علم جفر ۽ تڪسير تي 11 ڪتاب، جبر و مقابلہ تي 4، فلسفي ۽ منطق تي 6 ڪتاب لکيل آهن. هن هڪ ڪتاب زمين جي حرڪت جي ترديد تي ۽ هڪ ڪتاب سج جي گردش تي بہ لکيو. ان سان گڏ علم رياضي، تصوف، تعبير، علم هيئت، نجوم، علم جفر، تاريخ گوئيءَ تي بہ دسترس رکندو هو. بي مثال خوشنويس ۽ خطاط هو. عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ڊاڪٽر سر ضياءُ الدين سندس رياضيدانيءَ ۾ ڪمال جو معترف هو. اسلاميہ ڪاليج لاهور جي پرنسيپال ۽ رياضيدان، پروفيسر مولوي حاڪم مولانا احمد رضا خان کي ’چوڏهينءَ صديءَ جو مجدد‘ سڏيو آهي. 1900ع ڌاري عالمن کيس ’مجدد ماةِ حاضره‘ جو خطاب ڏنو. سندس فتويٰ نويسيءَ کي ’فتاوه عالمگيري‘ کانپوءِ وڏي اهميت ڏني وئي آهي. مولانا صاحب، رسول پاڪ جو وڏو عاشق هو. هن جي نعتيه شاعريءَ جو ڪتاب ’حدائقِ بخشش‘ مشھور آهي، جنهن ۾ هيٺين مقبول نعت شامل آهي:
’مصطفيٰ جانِ رحمت په لاکون سلام‘
سندس ڪتاب ’قصيده معراجيه‘ اردو شاعريءَ ۾ وڏو وزن رکي ٿو، جنهن جو هڪ قصيدو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايم. اي (اردو) جي نصاب ۾ شامل آهي. سندس نعتيه ديوان جي شرح مولانا فيض احمد اويسيءَ ڪيترن جلدن ۾ ڪئي آهي. هن عربي ۽ فارسيءَ ۾ 200 کان وڌيڪ ڪتاب يادگار ڇڏيا آهن. مولانا 1878ع ۾ والدين سان گڏ پهريون ڀيرو حج جي سعادت حاصل ڪئي، جنهن دوران سندس حرمين شريفين جي عالمن ۽ مشائخن سان ملاقاتون ٿيون. هن مفتي شيخ احمد بن زيد بن دحلان شافعي مڪي ۽ شيخ عبدالرحمان سراج حنفيءَ کان حديث، تفسير، فقھ ۽ اصول فقھ جون سندون حاصل ڪيون. هن ٻيو حج 1905 ۾ ڪيو.
مولانا احمد رضا، بريليءَ ۾ هڪ ديني مدرسو ’منظر الاسلام‘ نالي قائم ڪيو، جنهن جو بنياد 1322ھہ/1904ع ۾ وڌائين. هن مدرسي ۾ برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ٻاهرين ملڪن کان طالب علم ايندا هئا. نہ فقط طالب، پر جيد عالم بہ فيض حاصل ڪندا هئا. سندس قلمي ڪاوش ۾ ٻہ ڪتاب مشھور آهن: (1) قرآن پاڪ جو اردو ترجمو ’ڪنزالايمان‘، جنهن تي مولانا نعيم الدين مراد آباديءَ حاشيو لکيو آهي. (2) ’فتاويٰ رضويه‘ ، جنهن ۾ اهي سڀ جواب هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويا آهن، جيڪي مولانا ڏنا آهن. هي فتوائن جو ڪتاب جامع آهي ۽ ڪيترن ضخيم جلدن تي ٻَڌل فقھ حنفيءَ جو هڪ شاهڪار دستاويز آهي.
بريلوي صاحب سلوڪ ۽ طريقت جون منزلون حضرت ماهرويرح کان حاصل ڪيون ۽ سندن هٿ تي سلسله قادريه ۾ 1877ع ۾ بيعت ڪيائين. مرشد کيس تصوف جي ٻين سلسلن ۾ اجازت ۽ خلافت جو شرف عطا ڪيو. سندس نعتيه ديوان ۾ هڪ منقبت شيخ طريقت ماهرويرح جي شان آهي. مولانا صاحب 1874ع ۾ شادي ڪئي، کيس ٻہ فرزند: مولانا حامد رضا خان ۽ مولانا مصطفيٰ رضا خان ۽ پنج نياڻيون هيون. سلوڪ ۾ سندس 100 کان وڌيڪ خليفا هئا.
اسلامي دنيا جي هن بزرگ 25 صفر 1340ھہ/ 28 آڪٽوبر 1921ع ۾، بريليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس جنازي نماز ۾ ايڏو وڏو هجوم شامل هو، جيڪو ان کان اڳ مقامي ماڻهن ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هو. وصيت موجب سندس جنازي نماز وڏي فرزند مولانا حامد رضا خان پڙهائي. کيس بريليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي، جتي روزانو عقيدتمندن جو هجوم رهي ٿو.
1856.06.14 عيسوي
عالم ۽ محدث، احمد رضا خان بن مولانا نقي علي خان جو جنم 10 شوال 1272هه/ 14 جون 1856ع تي ڀارت جي پرڳڻي اتر پرديش جي شهر بريليءَ ۾ ٿيو.
1921.10.28 عيسوي
اسلامي دنيا جي هن بزرگ 25 صفر 1340هه/ 28 آڪٽوبر 1921ع ۾، بريليءَ ۾ وفات ڪئي.