احمد رضا

احمد رضا

احمد رضا

احمد رضا: شاعر ۽ ليکڪ احمد رضا آڳرو ولد حزب الله آڳرو 9 سيپٽمبر 1998ع تي سيدي موساڻي ڀرسان ڳوٺ محمد صالح آڳري (تعلقو ۽ ضلعو دادو) ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي) آهي. هن لکڻ جي شروعات 2014ع کان ڪئي. غزل، وائي، هائيڪو، بيت ۽ نثري نظم جھڙين شعري صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾شايع ٿيل آهن. نثر ۾ ’آڳرا قبيلي جي تاريخ‘ جي عنوان سان سندس هڪ تحقيقي ڪتاب 2021ع ۾ ڇپيو. سنڌي ادبي سنگت ميھڙ شاخ جو ميمبر آهي ۽ هن وقت ميھڙ ۾ رهي ٿو.


لفظ احمد رضاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1998.09.09  عيسوي

شاعر ۽ ليکڪ احمد رضا آڳرو ولد حزب الله آڳرو 9 سيپٽمبر 1998ع تي سيدي موساڻي ڀرسان ڳوٺ محمد صالح آڳري (تعلقو ۽ ضلعو دادو) ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سجاد ميراڻي
غلام صديق ابڙو فقير
بچل
عيسو هالائي عاجز
سترام داس جڳياس
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
تاج ٽکڙائي
عبدالفتاح عبد بٺورائي
رحمت الله پيرزادو اول
پريل سومرو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون