احمد خان ملڪاڻي

احمد خان ملڪاڻي: احمد خان ولد سرائي غلام دستگير ملڪاڻي، 11 جون 1944ع تي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو. ايم.اي فلاسافي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل.ايل.بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. احمد خان ملڪاڻيءَ جو ادب سان گهرو تعلق رهيو آهي. سندس ڪهاڻيون، مضمون، مقالا ۽ نظم مختلف رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. چار پمفليٽ ڇپيل اٿس. سندس پنج ڪتاب لکيل آهن، جيڪي ڇپائيءَ جا منتظر آهن.
احمد خان ملڪاڻي سماجي ابتدا کان وٺي ترقي پسند سياست سان وابسته رهيو، هو سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. ڪجهه عرصو پ. پ. پ ۾ به رهيو. دادو شهر جي ستن سماجي تنظيمن جو سرپرست رهيو آهي. جن ۾ سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا)، مخدوم بلاول فوٽ بال ڪلب دادو، ڀٽائي اسڪائوٽ ڪلب دادو، ڪراٽي ڪلب دادو، ڀنڀور اسڪائوٽ گروپ دادو، حيدر اسڪائوٽ ڪلب دادو، فرينڊس ويلفيئر ۽ ڪلچرل ائسوسيئيشن دادو ۽ صدر سنڌ گرئجوئيشن ائسوسيئيشن دادو خان ملڪاڻي'>احمد خان ملڪاڻي، سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.


لفظ احمد خان ملڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.06.11  عيسوي

احمد خان ولد سرائي غلام دستگير ملڪاڻي، 11 جون 1944ع تي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رئيساڻي غوث بخش
حاجي علي محمد کوسو
ريڊنگ لارڊ
تنيو نذير احمد
جان جيڪب
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
حفيظ شيخ
الھبچايو فقير
دودو مهيري
جمالي حاجي علي بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون