احسان علي شاھہ 1

احسان علي شاھہ ( اول ):سيد احسان علي شاھہ سنڌي مرثيہ جي باني سيد ثابت علي شاھہ جي گهر سيوهڻ شريف ۾ 1775ع ۾ پيدا ٿيو . ابتدائي تعليم سيوهڻ جي مدرسن ۽ ديني تعليم پنھنجي ڏاڏي سيد مدار علي شاھہ کان حاصل ڪئي ۽ علم عروض جي سکيا پنھنجي والد سيد ثابت علي شاھہ کان ورتائين . مرزا مراد علي بيگ ’سائل ‘ ۽ احسان علي شاھہ ٻنهي گڏجي سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي کان شاعريءَ جي سکيا ورتي . شاھہ صاحب کي شاعريءَ سان شوق ننڍي هوندي کان ئي هو . 1244ھہ/1828ع ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان ٽالپر ، سيد احسان علي شاھہ ۽ سندس وڏي ڀاءُ سيد امداد علي شاھہ کي سيد ثابت علي شاھہ جي وصيت مطابق سڄي ڪٽنب سميت سيوهڻ مان گهرائي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن وٽ زمين ۽ جايون ڏئي رهايو .
هن علمي گهراڻي تي مغلن جي حڪومت کان وٺي وقت جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي خاص نظر عنايت رهي . اهڙي طرح سيد احسان علي شاھہ بہ سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر جو خاص مقرب هو . سيد ” مرتضائي “ ٺٽوي سنہ 1890ع ۾ پنھنجي تصنيف ڪيل منظوم مثنوي ” يوسف زليخا “ ۾ سيد احسان علي شاھہ بابت لکي ٿو تہ: ” سيد ثابت علي شاھہ جو فرزند سيد احسان علي شاھہ تمام قابل ۽ لائق ، جو سڀ ڪنهن ڳالھہ جي مثال تي قرآن شريف جي آيت ۽ حديث نبوي ، مولانا رومي جي مثنوي جو بيت ، پنھنجي پيءُ ثابت علي شاھہ ۽ ڀٽائي صاحب جو بيت چوندو هو . “
سيد احسان علي شاھہ جو چيل ” مياڻي جو مرثيو “ عرف جنگ نامو سندس مشھور تصنيف آهي . جيئن تہ سيد احسان علي شاھہ مياڻي جي جنگ جي وقت حيات هو ، سو سمورو اکين ڏٺو احوال ڏاڍي سھڻي رزميه انداز ۾ پيش ڪيو اٿس . سندس هي مرثيو سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو . سيد احسان علي شاھہ 1845 ع ڌاري حيدرآباد جي علائقي ” ميرن جي قبا “ تيوفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي . سيد احسان علي شاھہ کي چار فرزند هئا پر چار ئي لا اولاد ٿي انتقال ڪري ويا . پر سندس وڏي ڀاءُ سيد امداد علي شاھہ اول جو اولاد هلندو اچي ۽ حيدرآباد جي ميرن جي قبن وٽ سندن رهائش آهي . احسان علي شاھہ جو گهڻو ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي پر ويجهڙائي ۾ سندس ڪجهہ سنڌيءَ ۾ چيل سلام پراڻن بياضن ۾ مليا آهن . سندس هڪ شاهڪار سلام جو مطلع ۽ مقطع پيش آهي:
سڀ مرتضيٰ جا سھڻا رڻ ڪربلا سڌاريا
زهرا جا ماھہ پارا رڻ ڪربلا سڌاريا

احسان علي “ چؤ مرثيا شهدائي ڪربلا جا
مطلـوب سـي خـدا جـا رڻ ڪربلا سڌاريا


هن صفحي کي شيئر ڪريو