اجيب 1 (Ajaib-I): پوئين تھذيب '>سنڌو تھذيب (Late Harappan Period) جو هيءُ ماڳ هندستان جي ميهام شھر کان 20 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف، 2907'15'' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 7630'25'' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ڳوٺ اجيب کان 500 ميٽرن جي پنڌ تي اجيب- پسني روڊ تي، اجيب ڳوٺ جي اتر ۾ موجود آهي. مقامي طور هن ماڳ کي ‘کيراجي’ نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن ماڳ کي موجودہ دور ۾ سم ۽ ڪلر وڪوڙي ويو آهي. ماڳ ٻن هيڪٽرن تي پکڙيل آهي. ماڳ جي چوڌاري پوکون ٿيل آهن. سڄي دڙي تي ٺڪراٺو (PWG) پکڙيل آهي، جيڪو پوئين سنڌو تھذيب واري ٺڪراٺي ۽ ڀوري چٽيل ٿانون سان ڀريل آهي. ٿانون جي ٽڪرن ۾ وڏا ٿانو، گندڙا، پيالا، پاٽوڙا، ٿالهيون وغيرہ شامل آهن. هتان ڪجهہ مڻيا بہ مليا آهن. هتي ڪل ٻہ دڙا آهن، ٻيو دڙو وچين تاريخي دور سان واسطو رکي ٿو.