اجهور

اَجهورَ:/ اجهور: درياھہ جو جهول وارو پاسو، جتي جو وهڪرو ۽ پاڻي اونهو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اجهور اهڙي ڏکي ٿي پوندي آهي، جو ان ۾ ڦاٿل ٻيڙي وغيرہ بہ ٻاهر نڪري نہ سگهندي آهي ۽ اُن جي ٻڏي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي.
درياھہ جي ڪنهن وَر وڪڙ يا گهُنڊيءَ جي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن درياھہ جي پاڻيءَ جي سير، وچ درياھہ جي بدران هڪڙي ڪپر سان لڳي ويندي آهي، انهيءَ ڪري اُتي درياھہ جو پاڻي ايڏو اونهو ٿي پوندو آهي، جنهن ۾ ونجهہ يا اولي هڻڻ ممڪن نہ ٿيندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ هوا درياھہ جي ٻئي ڪپ يا مخالف ڪنڌيءَ کان لڳڻ شروع ٿيندي آهي تہ درياءَ جو سير ۽ تيز وهڪرو ٻيڙيءَ يا ڪنهن بہ ٻيءَ ترندڙ شيءِ کي ڌڪي وڃي زور سان ڪپر سان ٽڪرائيندو آهي. جنهن طرف کان هوا ايندڙ هوندي اُنهيءَ طرف کي مٿار چئبو ۽ درياءَ جي ڪپر واري سير کي ’جهول‘ يا ’اجهور‘ چئبو.


لفظ اجهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو