اجتهاد

اِجتهاد: حديث مان پنھنجي علم ۽ راست سان فقہ جو نئون نُڪتو يا اصول پيدا ڪرڻ. لفظي معنيٰ ’سخت ڪوشش ڪرڻ‘، صحيح راھہ ڳولڻ. شرعي اصطلاح موجب ’شرعي مسئلن جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ فروعي مسئلن متعلق قرآن ۽ سنت، اجماع ۽ قياس جي ذريعي راءِ قائم ڪرڻ.‘. اجتهاد لاءِ شرط مقرر آهن. جھڙوڪ: عربي ٻوليءَ جي ماهرانه لساني واقفيت، قرآن ۽ حديث جي وسيع معلومات، ذاتي صلاحيت ۽ تقويٰ.


لفظ اجتهادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو