اجتماعي قبر: ڪارونجهر ويجهو هڪ اجتماعي قبر لڌي وئي آهي. هيءُ هڪ کوھہ آهي، جنهن ۾ بيشمار ماڻهن کي هڪ ئي وقت دفن ڪيو ويو هو. اهو انگريزن جي دور جو واقعو آهي. گهڻو ممڪن آهي تہ اهي جهونجهار روپلي جا ساٿي هجن، جن تروٽ هٿان شڪست کاڌي هئي. اهو کوھہ هن وقت پوريل آهي. ان کي شايد ان وقت ئي ڍڪيو ويو هو، هي کوھہ ننگر پارڪر ۾ اقراءَ اسڪول جي آڏو رينج فاريسٽ آفيسر جي در وٽ آهي.