اثر امام

اثر امام

اثر امام

اثر امام ::اثر امام: ليکڪ، شاعر ۽ مترجم اثر امام ولد حافظ علي انور هيسباڻي، پھرين مارچ 1979ع تي، ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي، باڊھہ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ 2008ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) جي ڊگري حاصل ڪئي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. 2008ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ميمبر ٿيو. ڪجهہ مھينن ۾ ئي کيس صوبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. مارچ 2010ع ۾ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي. ايس. ايف) جو چيئرمئن مقرر ٿيو. 2016ع ۾ پارٽيءَ جي بنيادي ميمبر شپ ۽ ان جي شاگرد محاذ ڊي. ايس. ايف جي چيئرمئن واري عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، عوامي ورڪر پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’مارڪسزم جا بنيادي اصول‘، ’مارڪسزم ڇا آهي؟‘، ’سوويت يونين ڪيون ٽوٽا؟‘ (سوويت يونين جي زوال تي يونان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تحقيقي مقالي جو اردو ترجمو) ۽ ’آڪٽوبر انقلاب اور بالشويڪ حڪمت عمليان‘ شامل آهن.


لفظ اثر امامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.03.01  عيسوي

ليکڪ، شاعر ۽ مترجم اثر امام ولد حافظ علي انور هيسباڻي، پهرين مارچ 1979ع تي، ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي، باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعيدالزمان عاطف
غلام مرتضيٰ اعظم عباسي
سيد فاضل شاھہ فاضل
بھزاد لکنوي
سرور نواز ٻگهيو
سيد فتح الدين شاھہ
زين العابدين ٺٽوي سيد
پلي نمرو
صمد حسين رضوي
غالب ملڪاڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون