اثر امام

اثر امام

اثر امام

اثر امام ::اثر امام: ليکڪ، شاعر ۽ مترجم اثر امام ولد حافظ علي انور هيسباڻي، پھرين مارچ 1979ع تي، ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي، باڊھہ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ 2008ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) جي ڊگري حاصل ڪئي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. 2008ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ميمبر ٿيو. ڪجهہ مھينن ۾ ئي کيس صوبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. مارچ 2010ع ۾ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي. ايس. ايف) جو چيئرمئن مقرر ٿيو. 2016ع ۾ پارٽيءَ جي بنيادي ميمبر شپ ۽ ان جي شاگرد محاذ ڊي. ايس. ايف جي چيئرمئن واري عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، عوامي ورڪر پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’مارڪسزم جا بنيادي اصول‘، ’مارڪسزم ڇا آهي؟‘، ’سوويت يونين ڪيون ٽوٽا؟‘ (سوويت يونين جي زوال تي يونان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تحقيقي مقالي جو اردو ترجمو) ۽ ’آڪٽوبر انقلاب اور بالشويڪ حڪمت عمليان‘ شامل آهن.


لفظ اثر امامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.03.01  عيسوي

ليکڪ، شاعر ۽ مترجم اثر امام ولد حافظ علي انور هيسباڻي، پهرين مارچ 1979ع تي، ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي، باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لڇمڻ دُبي
ثناءُ ﷲ ثنا سرهندي
جواد جعفري
باشو 1
خليفو غلام ﷲ
ساره شگفتہ
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
فقير محمد سنڌي
زبيدہ ميتلو
محمد حسين شوقي ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون