اثبات

اَثبات: تصوف موجب ڪنهن وجود جي برقرار هئڻ جو اقرار. ڪنهن جي ’هئڻ‘ جو ثبوت پيش ڪرڻ يا تصديق ڪرڻ جي لاءِ دل سان مڃتا ڪرڻ ۽ زبان سان ان جو اقرار ڪرڻ.
تصوف جي تعليم موجب پاڪ کان سواءِ باقي ٻي هر شيءِ جي وجود جو انڪار ڪرڻ ۽ صرف پاڪ جي ذات کي موجود سمجهڻ ۽ ان جي هر وقت موجود ۽ قائم رهڻ جو اقرار ڪرڻ اثبات آهي. ڪلمي شريف ۾ ’لا الہٰ‘ جو فقرو غيرالله جي نفي ڪري ٿو ۽ ’الاالله‘ جو جملو ذات پاڪ جي اثبات ڪري ٿو. اهڙي عمل ۽ فعل کي ’اثبات‘ چوندا آهن.


لفظ اثباتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو