ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي

ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي

ابڙو علامہ مستانو سيوهاڻي

ابڙو علامہ مستانو سيوهاڻي: ابڙي علامہ مستاني سيوهاڻيءَ جو اصل نالو رحمت ﷲ ابڙو آهي، جنهن محمد صديق ابڙي جي گهر ۾ ڳوٺ پياري واهڻ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 12 مئي 1947ع تي جنم ورتو. هي پوليٽيڪل سائنس ۾ بي. اي (آنرس) ۽ ايل.ايل. بي هو. پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. 1950ع کان وٺي شعر، ڪهاڻيون، مضمون، مزاحيہ ڪالم، مقالا، تنقيدون ۽ تبصرا لکيائين، جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيا. هن پورا ويھہ (20) سال (1961ع کان 1984ع) قلمي نالي ’علامہ مستاني سيوهاڻي‘ سان مختلف اخبارن: عبرت، سنڌ نيوز، عبرت مئگزين ۽ رسالن ۾ مزاحيہ ڪالم لکيا. هي صحافي ۽ فنڪار هئڻ سان گڏ علم موسيقيءَ جو ڄاڻو بہ هو. هن جي لکڻ جو اسلوب منفرد، وٽس معاشري جي براين کي مزاحيہ رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو فن هو. هن جو هڪ ناول ”ٻير جي ڍنگهري“ عنوان سان مشھور شاعر اسحاق راهي، سرمد پبليڪيشن ميهڙ پاران 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. علامہ مستاني سيوهاڻي 27 اپريل 1982ع ۾ وفات ڪئي.
علامہ مستاني سيوهاڻيءَ جو نالو مزاحيہ ادب جي حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشہ ياد رهندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.05.12  عيسوي

ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي: ابڙي علامه مستاني سيوهاڻيءَ جو اصل نالو رحمت الله ابڙو آهي ، جنهن محمد صديق ابڙي جي گهر ۾ ڳوٺ پياري واهڻ ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 12 مئي 1947ع تي جنم ورتو


1982.04.27  عيسوي

علامه مستاني سيوهاڻي 27 اپريل 1982ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سر اليگزينڊر فليمنگ
سراج الدوله نواب
آچر فقير
جمعو فقير جوڙ
عشرت گل
ڄام تماچي
الھبچايو فقير
پليجو مخدوم يعقوب
حاجي شاد راڄڙ
حاجي خان مڱڻهار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون