
مولانا عبدالڪريم چشتي
ابڙو عبدالڪريم چشتي: مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ”چشتي“ سن 1314ھ مطابق 1896ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم پنھنجي ويجهي عزيز مولانا غلام رسول چشتيءَ وٽان حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم شڪارپور جي ”وڪٽوريه جوبلي انسٽيٽيوٽ“ ۾ مولانا عبدالرحمان ميمڻ وٽ حاصل ڪري 1917ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. فارغ ٿيڻ کان پوءِ 1917ع ۾ انڊين ھوم رول ليگ ۾ شامل ٿيو. سن 1918ع ۾ ڪانگريس ۾ آيو. ھن شڪارپور ۾ ”انجمن مجاھدين اسلام“ تنظيم قائم ڪئي. 1919ع ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 1920ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. ھن 1912ع ۾ شڪارپور ۾”محموديه عربيه“مدرسو نالي قائم ڪيو. 1924ع ۾ ”انجمن اشاعت الاسلام شڪارپور“ جو بنياد رکيائين. ان کان پوءِ تبليغ ۽ تنظيم جو ڪم ڪندو رھيو. سال 1927ع کان 1929ع تائين صحافت سان واسطو رھيس. 1950ع ۾ يارھين ”سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ”محبانِ سنڌ“ جو خطاب حاصل ڪيائين. ساڳئي سال ۾ شڪارپور ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ ٿي رھيو، ان کان علاوہ نيو ايرا ھاءِ اسڪول موجودہ قاضي حبيب ﷲ ھاءِ اسڪول شڪارپور جو چونڊيل صدر، ”مدرسہ عربيه محموديه“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اھل سنت“ شڪارپور جو صدر ،”انجمن طلباءِ شڪارپور“ جو صدر، جمعيت العلماءِ اسلام شڪارپور جو نائب صدر ۽ جامع دينيه دارالھديٰ ٺيڙھي جو نائب صدر ٿي رھيو. مولانا صاحب 55 ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان 7 فارسيءَ ۾ ۽ باقي سنڌي زبان ۾ آھن. مولانا صاحب حياتيءَ ۾ 3 حج ڪيا. ھن 1964ع ۾ وفات ڪئي.
1314.00.00 هجري
ابڙو ، عبدالڪريم چشتي: مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ” چشتي “ سن 1314ھ مطابق 1896ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو
1896.00.00 عيسوي
ابڙو ، عبدالڪريم چشتي: مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ” چشتي “ سن 1314ھ مطابق 1896ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو
1964.00.00 عيسوي
ابڙو ، عبدالڪريم چشتي 1964ع ۾ وفات ڪئي