روبينه ابڙو

روبينه ابڙو

ابڙو روبينا

ابڙو روبينا: روبينا ابڙو، 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هوءَ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر عورتن ۾ غزل جي شاعريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿي. سندس غزل فني ۽ فڪري حوالي سان پختا ۽ متاثر ڪندڙ آهن. هن ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پاتو. ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي ريڊيو خيرپور جي پروگرامن ۾ نشر ٿيون، پر پوءِ هن پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ميدان چونڊيو ۽ شاعر عورتن ۾ نالو پيدا ڪيو. مريم مجيدي ۽ سحر امداد واري ٽهيءَ کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ روبينا ابڙو ۽ رخسانه پريت ئي غزل جون ٻه پختيون شاعرائون آهن. روبينا ابڙو ايم. اي سنڌي (1995ع) ۽ ايم. اي ايڪانامڪس (1997ع) آهي. هوءَ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول نظر محلي، لاڙڪاڻي ۾ اُستاد طور پڙهائي رهي آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هوءَ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.10.24  عيسوي

ابڙو ، روبينا: روبينا ابڙو ، 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف مٺياڻوي
امداد علي سولنگي
عبداللطيف قيصر
صهبا اختر
امر سنڌو
تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم
شير محمد لغاري
محمد محسن پاٽولي ٺٽوي
ستار سروهي
دانتي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون