ابڙو احمد

ابڙو، احمد: مولوي حاجي احمد ابڙو ولد فضل محمد ابڙو ڳوٺ ملا ابڙي لاڙڪاڻي ۾ سن 1864ع ۾ ڄائو، پاڻ سند يافتہ مولوي ھو ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس ۾ گذاريائين. ھن سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن سان گڏ تحريڪ آزادي ۽ تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو، ان کان سواءِ مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي تحريڪ ۾ بہ جوشيلي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 24 مارچ 1932ع تي وفات ڪيائين، مولوي حاجي احمد ابڙي ديني مسئلن بابت ھڪ ڪتاب بہ لکيو هو. سندس ڪلام مولودن، مداحن، معجزن ۽ مناقبن تي مشتمل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1864.00.00  عيسوي

ابڙو ، احمد: مولوي حاجي احمد ابڙو ولد فضل محمد ابڙو ڳوٺ ملا ابڙي لاڙڪاڻي ۾ سن 1864ع ۾ ڄائو ،


1932.03.24  عيسوي

ابڙو ، احمد: مولوي حاجي احمد ابڙو ولد فضل محمد ابڙو ڳوٺ ملا ابڙو، 24 مارچ 1932ع تي وفات ڪيائين ،



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ عنايت ﷲ جيلاني
سيد بدرالدجىٰ شاھہ راشدي
عبدالڪريم قريشي ٻير وارو مولانا
شاھہ ولي ﷲ دهلوي
عبدالله مري مولانا
بگو شير درگاھہ
ڊومڪي علامہ مقصود علي
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
علامہ حاجي محمد عمر دين پوري
ابو جعفر المنصوري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون