ابڙا قبو

ابڙا قبو: هي مقبرو ڪلهوڙن جي دور جو آهي ۽ محمد خان وگهيي ڳوٺ، ديھہ 33 داد، تعلقي نواب شاھہ ۾ آھي. مقبري جي اوڀر ۾ ٻن ڪلو ميٽرن تي ڳوٺ الھہ رکيو ڪانيو، الھندي ۾ 200 ميٽرن تي قاضي احمد- نواب شاھہ روڊ، ان جي اتر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي غلام حسين وگهيو ڳوٺ ۽ 9 ڪلو ميٽر اولھہ ۾ قاضي احمد جو شھر اٿس. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 26◦15′2″ ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ68◦ 12′ 4″ ڊگرين تي موجود آھي. ھي مقبرو اتر ڏکڻ ڊيگهہ ۾ 4.90 ميٽر ۽ اوڀر اولھہ ويڪر ۾ 4.90ميٽر، وڌ ۾ وڌ اوچائي 8 ميٽر اٿس. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گارو، ۽ چن گارو استعمال ڪيل آھي. مقبري کي اوڀر ۾ ونگائون سينگاريل لنگهہ آھي. مھاڙيءَ سميت چارئي پاسا ونگاون پانيلن سان آھن. ھر ڪنڊ تي ھڪ برجي ٺھيل آھي، ٻيڙ ٻنا ڏنل آھن. گنبذ اٺڪنڊو آھي، جنھن جي مٿان ابتي ڪنول جهڙي اڏاوت ٿيل آھي. اندران توڙي ٻاھران گنبذ چن سان لنبيل آھي. ان تي ٿيل رنگ و روغن وقت گذرڻ سان جهڪو ٿي ويو آھي. مقبري ۾ اندر ٽي جارا ٽن پانيلن سان اتر ۽ اولھہ ۾ ٺھيل آھن. ھر ڪنڊ تي ھڪ اڏاوت ٺھيل آھي جنھن جي ڪري گنبذ اٺڪنڊو ٿي بيٺو آھي نہ تہ ھجرو ڏيک ۽ رٿ ۾ چوڪور آھي. ڪنڊِ جوڙون (squinches) ۽ خصي ونگون مختلف آلو رنگ (fresco) سان سينگاريل آھن. اندر ڪي آبي رنگ سان تصويرون بہ نڪتل آھن. ھڪ تصوير ۾ جنگ جو ميدان ڏيکاريو ويو آھي، جتي ھڪ ماڻھو ھڪ ھٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي ھٿ ۾ ڍال سان ڏيکاريل آھي. پس منظر ۾ ڪجهہ لاشا ڏيکاريل آھن. ٻي تصوير ۾ ھڪ ماڻھو نغارو ۽ ٻيو ماڻھو توتارو وڄائي جنگ جو اعلان ڪري رھيا آھن. گلڪاري، وڻڪاري ۽ ڪجهہ پکين جون تصويرون بہ چٽيل آھن. ھن وقت مقبري جي حالت سٺي ڪا نہ آھي، جو ان جي سار نہ لڌي وئي آھي. جتان ڪٿان پلستر اکڙي ويو آھي. خاص قسم جون تصويرون اجڙي رھيون آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو