ابيات سنڌي

ابيات سنڌي (ڪتاب ):ھن ڪتاب ۾ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املھہ ذخيرو آھي. خواجہ صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين. خواجہ صاحب جي انھن بيتن جي شرح سندس شاگرد جيد عالم، ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ عربي ٻوليءَ ۾ لکي. ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ اھا شرح 1180 -1185 ھ /1766-1771ع ڌاري لکي ھئي.
خواجہ صاحب جا بيت تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ھئا. پر انھن جي عربي ٻوليءَ ۾ شرح ھڪڙي ئي رسالي ۾ ’ابيات سنڌيءَ‘ جي نالي سان قلمبند ڪئي وئي ھئي، جيڪو سڀ کان پھرين 1939ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم عربي عبارت کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. ھن ڪتاب ۾ خواجہ صاحب جي بيتن ۾ آيل تصوف جي موضوع تي گرھوڙي صاحب جا صوفيانه نڪتا بيان ڪيل آھن. ڪتاب جي ابتدا ۾ خواجہ محمد زمان جي حياتيءَ جو احوال، شاھ لطيف جي خواجہ صاحب سان ملاقات، تصوف بابت خواجہ صاحب جا ارشادات، اسلامي تصوف تي ھڪ باب ۽ شيخ عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي سوانح عمري شامل آھن.
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1956ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽيءَ طرفان ۽ ٽيون ڇاپو 1996ع ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان ڇاپيو ويو آھي.

هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1125.00.00  هجري

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .

1317.00.00  عيسوي

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .

1188.00.00  هجري

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .

1774.00.00  عيسوي

ابيات سنڌي ( ڪتاب ) : ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن ، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي . خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين .

ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اوليائن جي مار
اي سنڌ ڄائي
استعمالي جاميٽري
تعليم جي تاريخ
حر گوريلا جنگ
سومرن جو دؤر
ديوان صورت بھار
سرير جي آتم ڪهاڻي
شھر شھر زخمي
انڊيا ائڪٽ
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون