ابو عطا سنڌي

ابو عطا سنڌي: سنڌ سان تعلق رکندڙ عربيءَ جو مشھور شاعر ۽ عالم ھو. جيڪو پنھنجي پيءُ سميت غلام بنجي عراق پهتو، پر پنھنجي اعليٰ صلاحيتن، ذوق ۽ حساس طبيعت سبب کيس آزاد ڪيو ويو. هن جو پورو نالو افلح بن سيار هو، عراق ۾ غلاميءَ وارن ڏينهن دوران سندس قيام ڪوفي ۾ هوندو هو. انھيءَ زماني ۾ بنو اميه جي حڪومت اوج تي ھئي، جڏھن اموين ۽ عباسين وچ ۾ ويڙھ شروع ٿي، تہ ھن اموين جي حق ۾ ڪيترائي شعر چيا، ۽ انھن جي طرفان لڙاين ۾ بہ شريڪ ٿيو، پر جڏھن ان ويڙھ ۾ عباسي ڪامياب ٿي ويا تہ ھن حالتن کي ڏسندي ڪيترو وقت گمناميءَ ۾ لڪي گذاريو. 158 ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف ٿورو عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي، سندس عربي ڪلام جو ديوان 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0158.00.00  هجري

ابو عطا سنڌي: 158 ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف ٿورو عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي ،


0775.00.00  عيسوي

ابو عطا سنڌي: 158 ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف ٿورو عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي ،



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيث عه
حاجي شھمير ٽالپر
خالد بن يزيد
عباد بن بشر رضي ﷲ عنه
حسن بن جابر رحه
خواجہ محمد حسن رح لنواريءَ وارو
ابو علي سنڌي
حارث بن عميرازدي
خضر عليہ السلام
خواجہ نور ﷲ
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون