ابو عبدالملڪ محدث سنڌي

ابو عبدالملڪ محدث سنڌي: ابو عبدالملڪ محمد، ابو معشر سنڌيءَ جو لائق فرزند هو ۽ پنھنجي زماني جي زبردست عالمن مان هڪ هو. خليفي محمدي انهي کي بہ مديني مان بغداد آندو. علم حديث مان پيءُ وانگر هي بہ بهره ور هو. بغداد ۾ ابن ابي ذئب، ابوبڪر هذلي سان سندس ملڻ ثابت آهي. پنھنجي والد جو ڪتاب ”المغازي“ انهن کان روايت ڪيو اٿائين. سندس شاگردن مان سندس صاحب زادہ دائود ۽ حسن کانئس روايت ڪن ٿا، ان کان سواءِ ابو حاتم محمد بن ادريس رازي، محمد بن ليث جوهري ۽ ابو يعليٰ موصلي کانئس حديثون روايتون ڪيون آهن ۽ ابو حاتم بہ ان جي تصديق ڪئي آهي. 99 سال جي عمر ۾ 244ھہ 838ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0244.00.00  هجري

ابو عبدالملڪ محدث سنڌي: سال جي عمر ۾ 244هه 838ع ۾ وفات ڪيائين .


0838.00.00  عيسوي

ابو عبدالملڪ محدث سنڌي: سال جي عمر ۾ 244هه 838ع ۾ وفات ڪيائين .



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد عبدالله شاھہ غازي
عبدالله بن زيد بن عبدالله رضہ
حاجي عبدالرحيم لغاري
حفصه رضي الله عنه
عزير عليہ السلام
زبيررضي الله عنه
شيث عه
خيرالدين شاھہ بغدادي
عبدالله بن عمررضي ﷲ عنه
حَسان بن ثابت
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون