ابو تراب شيخ

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش، جيڪو ’ابوترابيءَ‘ جي نالي سان مشھور هو، بنوعباس جي حڪومتي دؤر (786 کان 808ع) ۾، سنڌ جي ڪجهہ علائقن تي حاڪم مقرر ٿي آيو. هن بزرگ، ’بکر‘ ۽ ’کرڙي‘ جا قلعا فتح ڪيا. سندس شمار تبع تابعين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ ئي شھيد ٿيو هو. سندس مقبرو ٺٽي ۾ ’گُجي‘ شھر کان ٽي ميل ڏکڻ اولھہ طرف، ٿرڙيءَ جي مڪان ۾، تعلقي ميرپورساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171ھہ/788ع لکيل آهي. ان لحاظ کان، هن درگاھہ کي سنڌ جي قديم درگاھہ سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0171.00.00  هجري

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .


0788.00.00  عيسوي

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمن سرڪار
دائود قادري شيخ
عجمي سلسلو
اثبات
شاھہ عنايت شھيد جهوڪ وارو
تجل جا پير
ضياء الدين شيخ سھروردي
سمون خليفو ابن اوڙاھہ
آھوجا موھن فقير
شاھہ صدر لڪي
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون