ابوبڪر قاضي: ابوبڪر قاضي هالن جو رهندڙ مشھور عالم هو. شاعريءَ ۾ سندس مولود ۽ ڪافيون مشھور آهن. هن تي تصوف جي منصوري مام جو رنگ غالب هو. ابوبڪر قاضي 1295ھہ/1878ع کان اڳ وفات ڪئي.