ابوبڪر سڌايو

ابوبڪر سڌايو: ليکڪ ۽ محقق ابوبڪر ولد غلام عباس سڌايو پھرين اپريل 1975ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪئي.جڏهن تہ ايم. اي ۽ ايم فل جون ڊگريون شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيون. هن لکڻ جي شروعات 2019ع ۾ ڪالم نويس طور ڪئي. سندس پھريون ڪتاب ’رنگولي‘ (ڪالم ۽ مضمون: 2023ع) جي عنوان سان ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي طرفان شايع ٿيو. ان کان علاوہ سندس ايم فل جو مقالو، ’جانب سڀ جمال‘ (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي شخصيت ۽ سندس تحقيقي ڪم جو تنقيدي جائزو) عنوان سان 2024ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن وقت سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي ۾، مختيار/تعلقہ روينيو آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.04.01  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق ابوبڪر ولد غلام عباس سڌايو پھرين اپريل 1975ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ترخان مرزا جاني بيگ
شاهدہ ملڪ
شجاعت علي بکري
چانڊيو علي خان
امر رائيسنگهہ راجپوت
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
ابوالحسن
ولي محمد تراب صوفي
روشن عطا
راحت ڪاظمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون