ابوالقاسم نمڪين

ابوالقاسم ”نمڪين“: ابوالقاسم اڪبر بادشاھہ جي دور ۾ مختلف وقتن تي سبيءَ کان بکر ۽ سيوهڻ تائين جاگيردار ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي. هو طاقتور سپھہ سالار جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن سبيءَ جو قلعو پني قبيلي جي پٺاڻن سان جنگ ڪري فتح ڪيو. قره بيگ جي وفات بعد کيس سيوهڻ، بکر، اوٻاوڙي ۽ گنجابي جي جاگير ملي. روهڙي ۽ سکر جي وچ تي بکر ڀرسان هڪ پُر فضا پهاڙي کي هموار ڪيو، اتي ويهي فيصلا وغيرہ ڪندو هو، اهو ٿلهو ”صفه صفا“ جي نالي سان مشھور ٿيو. کيس علم ادب جو تمام گهڻو شوق هو ۽ هڪ ڪتاب ”منشات نمڪين“ نالي لکيائين. ابوالقاسم نمڪين 1018ھہ 1609ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس آخري آرامگاھہ بہ ”صفه صفا“ روهڙيءَ ۾ آهي ۽ ان ٽڪريءَ تي سندس اولاد جون بہ قبرون آهن. ڪي ماڻهو ان کي ”ستين جو آستان“ بہ سڏيندا آهن، پر اهو غلط آهي.


لفظ ابوالقاسم نمڪينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1609.00.00  عيسوي

ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو ،


1018.00.00  هجري

ابوالقاسم نمڪين 1018هه 1609ع ۾ وفات ڪري ويو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالفتح ٺٽوي
سعدالله شيخ
ڄام مبارڪ
محمد ميان سومرو
ايسٽ وڪ وليم جوزف
پير بخاري1
اشفاق احمد
بشير احمد
امانت مغل
درويش آلو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون