ابوالحسن صغير

ابوالحسن صغير: اصل نالو غلام حسين ولد محمد صادق سنڌي، ’ابوالحسن صغير‘ جي لقب سان پوري اسلامي دنيا ۾ مشھور آهي. پاڻ 1152ھہ/1739ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ حجاز جو سفر اختيار ڪيائين، جتي مخدوم محمد حيات سنڌيءَ کان تعليم ورتائين (مولانا عبيدالله سنڌي، ابوالحسن صغير کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ڄاڻائي ٿو). علامہ ابوالحسن پنھنجي وقت جو وڏو عالم، فقيھہ ۽ محدث هو ۽ اجتهاد جي درجي تي فائز هو. پاڻ مسلڪ جي اعتبار سان حنفي هو. مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ سندس مدرسي ’الشفا‘ ۾ پاڻ حديث جو درس ڏيڻ لڳو، جتان سَوَن جي تعداد ۾ طالبن فيض پرايو. ابوالحسن صغير 25 رمضان المبارڪ 1187ھہ/1773ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهي.


لفظ ابوالحسن صغيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1739.00.00  عيسوي

ابوالحسن صغير: اصل نالو غلام حسين ولد محمد صادق سنڌي ، ’ ابوالحسن صغير ‘ جي لقب سان پوري اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي . پاڻ 1152هه/1739ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين ،


1187.09.25  هجري

ابوالحسن صغير 25 رمضان المبارڪ 1187هه/1773ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهي



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي
عبدالله شاھہ فتاحي
عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ
سيد ضياء حسين ضياء
ابوالحسن صغير
پاٽائي دين محمد مخدوم
چوهڙ شيخ عبدالجليل
عبدالجبار صديقي مخدوم
سيد عبدالخالق جيلاني
خادم هرومل سدارنگاڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون